ثروت گيلاني کي اڄ به عرفان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو وڃائڻ تي افسوس

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي مقبول اداڪارا ثروت گيلاني انڪشاف ڪيو آيه ته کيس هلندڙ سال دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويل بالي ووڊ اسٽار عرفان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي. ڀارتي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو م اداڪارا آڇ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هو عرفان خان سان ڪم ڪرڻ جو موقعو وڃائي چڪي آهي جنهن جو کيس افسوس به آهي. ثروت چيو ته عرفان خان جي ٽيم فلم لاءِ پاڪستان مان ڪنهن اداڪارا کي ڪاسٽ ڪرڻ جي خواهشمند هئي. هن ٻڌايو ته ان وقت سندس ڊرامو متاع جان هي تو آن ايئر هو جنهن کي ڀارت ۾ به پسند ڪيو ويو. اداڪارا چيو ته شايد عرفان خان منهنجو ڊرامو ڏٺو هو جيڪو کيس پسند به آيو هو جنهن کانپوءِ هو مون کي ڪنهن فلم لاءِ ڪاسٽ ڪرڻ جو خواهشمند هو. هن چيو ته ان مقصد لاءِ هن اسان جي ڊائريڪٽر مهرين جبار سان رابطو ڪيو ۽ کانئس منهنجو نمبر ورتو. ڊائريڪٽر مون کي ٻڌايو ته ڀارت مان ڪنهن فون ڪئي هئي ۽ هو اوهان کي عرفان خان سان ڪاسٽ ڪرڻ چاهين ٿا. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون هيون پر بدقسمتي سان سياسي ڊرامو شروع ٿيو ۽ ان جو ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو. واضح رهي ته هلندڙ سال اپريل جي آخر ۾ بالي ووڊ جو ورسٽائل اداڪار عرفان خان 53 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *