ترڪ خاتون اول سان ملاقات تي ڀارت عامر خان کي”غدار“ قرار ڏئي ڇڏيو

انقره(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان تازو ئي ترڪ خاتون اول اردوان سان استنبول ۾ هن جي گهر ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ ڀارتين عامر خان کي تنقيد جي ور چاڙهي ڇڏيو. ترڪ خابرو اداري موجب بالي ووڊ عامر خان پنهنجي ايندڙ فلم لال سنگهه ڇڍا جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ هن وقت ترڪي ۾ موجود آهي ۽ هن پاڻ ترڪ خاتون اول سان ملاقات جي درخواست ڪئي هئي. بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ جي درخواست ۾ ٿيل ملاقات ۾ عامر خان ترڪ خاتون اول کي پنهنجي ۽ گهرواري ڪرن رائو طرفان ڀارت ۾ شروع ڪيل سماجي ڀلائي جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ عامر خان ترڪ خاتون اول کي ٻڌايو ته ڪهڙي قدر ترڪ ۽ ڀارت عوام جي ثقافت ۽ کاڌا گڏيل آهن.  ملاقات دوران عامر خان ترڪ خاتون اول کي ڀارت ۾ جاري پنهنجي تعليم، پاڻي ۽ صحت جي منصوبن بابت به آگاهه ڪيو ۽ گڏوگڏ ئي هن فلم انڊسٽري ۾ اچڻ جي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي. رپورٽ موجب عامر خان ترڪ خاتون اول کي ٻڌايو ته هو ترڪي ۾ پنهنجي ايندڙ فلم لال سنگهه چڍا جي شوٽنگ جي لاءِ ماڳ ڏسڻ آيو آهي ۽ هن کي اميد آهي ته کيس ڀارت جهڙا ماڳ هتي ملي ويندا. ملاقات دوران عامر خان ترڪ خاتون اول کي شوٽنگ دوران فلم سيٽ تي اچڻ جي دعوت به ڏني. ملاقات کان پوءِ ترڪ خاتون اول پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي به عامر خان سان ملاقات جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ ان ڳالهه جي خوشي جوا ظهار ڪيو ته هو پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ ترڪي جي مختلف علائقن ۾ ڪندو. هن عامر خان طرفان ترڪي ۾ فلم شوٽنگ جي خواهش جي اظهار تي خوشي جو اظهار ڪندي هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. ترڪ خاتون اول ۽ عامر خان جي ملاقات جون تصويرون وائرس ٿيڻ ۽ خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ ڀارتي ماڻهو مسٽر پرفيڪشنسٽ تي خفا نظر آيا ۽ هنن چيو ته اداڪار کي ملڪ دشمن به قرار ڏنو. ڀارتي خابرو اداري موجب ترڪ خاتون اول سان ملاقات جون تصويرون وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن عامر خان کي تنقيد جو نشانو بڻائي کيس ملڪ دشمن قرار ڏنو. انتهاپسند ڀارتين عامر خان جي ترڪ خاتون اول سان ملاقات کان پوءِ هن تي الزام هنيو ته هو پهرين به پنهنجي فلمن ۾ هندو مخالف مواد ڏيکاريندو هو ۽ هاڻ هو ڀارت مخالف ۽ دشمنن سان ملاقات ڪري ڏيکاري رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *