ثابت ٿي ويو دنيا جون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون تاريخون ۽ تهذيبون سنڌ جي تهذيب آڏو ڪجهه باهن: سانا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سانا طرفان سنڌ جي ترقي بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي آهي، مقرر جو چوڻ آهي ته سنڌ جي تاريخ موهن جي دڙي مان ڏسي سمجهي سگهجي ٿي، اهو ثابت ٿي ويو آهي ته دنيا جون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون تاريخون ۽ تهذيبون سنڌ جي تهذيب آڏو ڪجهه به ناهن، آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ چيو آهي ته سنڌ جي نوجوان ڪنهن به پليٽ فارم تي هٿيار ناهن کنيا، سنڌين کي جتي به موقعو مليو آهي انهن پاڻ ملهايو آهي.. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سانا طرفان ”سنڌ جي ترقي بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس جي پهرين سيشن کي آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ، صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، سانا جي جنرل سيڪريٽري نورالنساءِ گهانگهرو، سهيل انصاري ۽ ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڪراچي ڊاڪٽر عشرت حسين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي ٻئين سيشن ۾ ايس ڊي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو گل ملاح، سانا اڳواڻ ڊاڪٽر وليد شيخ، سماجي اڳواڻ مهناز مهر، ڊاڪٽر مبارڪ علي، گمس جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي ٽئين سيشن کي خطاب ڪندڙن ۾ ابوالفضل، محمود نواز شاهه، ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ڊاڪٽر پرويز طاهر ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ اندر مالي وسيلا عرب ملڪن کان به وڌيڪ آهي، مالي وسيلا هئڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.۔ هنن چيو ته سنڌ هر سال 20 کرب کان وڌيڪ ڪمائي ٿي، پر بدلي ۾ سنڌ کي صرف ئي صرف 50 کان 80 ارب رپيا ڏنا وڃن ٿا، خبر ناهي اهي 50 کان 80 ارب رپيا ڪٿي خرچ ٿين ٿا. مقررن جو چوڻ هو ته سنڌ مان چونڊيل نمائندا سنڌ جي ترقي ۽ مالڪي ڪرڻ بدران سياسي سوديبازي ۽ مصلحت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. مقررن چيو ته سنڌ جي تاريخ موهن جي دڙي مان ڏسي سمجهي سگهجي ٿي، اهو ثابت ٿي ويو آهي ته دنيا جون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون تاريخون ۽ تهذيبون سنڌ جي تهذيب آڏو ڪجهه به ناهن. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي کاتي جي صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق سنڌ سان ٻه اکيائي ڪري کين مالي طور ڪمزور ڪري رهيو آهي، سنڌ جا فنڊ پنجاب تي خرچ ڪيا پيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌي ڊاڪٽر ٿر ۾ ڊيوٽيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ٿر جي ڪوئلي مان توانائي جي کوٽ کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ چيو ته سنڌ هڪ ڊگهي تاريخ آهي، سنڌ جي نوجوانن کي سڄي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سنڌ جي نوجوانن به پليٽ فارم تي هٿيار ناهن کنيا. آمريڪي قونصل جنرل برائين هيٿ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي جتي به موقعو مليو آهي، اتي انهن پاڻ ملهايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *