فلم رئيس لاءِ اداڪاره مائره خان منهنجي پهرين چوائس نه هئي: راهول ڊولڪيا

ممبئي (شوبز نيوز)فلم رئيس جي ڊائريڪٽر راهول ڊولڪيا چيو آهي ته فلم رئيس لاءِ اداڪاره مائره خان سندس پهرين چوائس نه هئي، ان کان اڳ هن ان فلم لاءِ شاهه رخ خان سان گڏ اداڪاره هما قريشي کي ڪاسٽ ڪرڻ جو سوچيو هو، پر ان سان رابطو ڪرڻ کان پوءِ سندس نظرن ۾ مائره خان اچي وئي، هن چيو ته فلم لاءِ جيڪا اداڪاره گهربل هئي، مائره ان تي فٽ آهي، فلم ۾ سندس ڪردار پاور فل آهي، فلم هلندڙ سال عيد الفطر جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *