توانائي بحران چئلينج آهي، ڌرڻي وارا ڌرڻن بدران ساٿ ڏين: نواز شريف

لنڊن (م.ڊ) وزيراعظم ميان نواز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڌرڻو ڇڏي ملڪي ترقي لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ڌرڻي وارا سوچين ته ان سان فائدو ڪنهن کي ٿيندو، سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ بدران توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڪم ڪريون، ڌرڻي ذريعي اسان جي حڪومت کي ڊي ريل ڪرڻ لاءِ نه پر پاڪستان ۽ جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پر هاڻ اونداها پاڇا ٽري ويا آهن ۽ هاڻ پاڪستان روشنين ڏانهن وڌي رهيو آهي، ڌرڻي وارن کي هاڻ معلوم ٿي ويو هوندو ته سندن ملڪ کي جڪڙي رکڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي، مشڪل فيصلا ڪيا، مشڪل فيصلن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، قوم جو هر ماڻهو ڪردار ادا ڪري ته پاڪستان ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته ملڪ مان بيروزگاري، غربت ۽ توانائي جي بحران جو خاتمو ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان جي حڪومت جي ڪم جي نتيجي ۾ سٺو پاڪستان بڻجي ٿو ته اڳين حڪومتن کي ان جو فائدو ٿيندو، چين ۽ جرمني پاڪستان ۾ توانائي جي شعبن ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. هو پاڪستان برطانيا توانائي سرمائيداري ڪانفرنس کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ڪانفرنس کي خطاب ۾ هن چيو ته خانگي شعبي جي سرمائيداري ئي پائيدار ترقي جي ضامن آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي اسان کي بحران ورثي ۾ مليا، پرپوءِ اسان مشڪل فيصلا ڪيا جن جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان معيشت جو منهن سڌو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته برطانيا ۾ توانائي ڪانفرنس جو ٿيڻ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي، توانائي سرمائيداري ڪانفرنس سان سرمائيدارن ۽ ماهرن کي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو، ڪانفرنس جو مقصد هڪٻئي جي تجربن ۽ مهارتن مان لاڀ حاصل ڪرڻ آهي، اسان ترقي يافتا ملڪن جي تجربن مان به لاڀ حاصل ڪنداسين، ڪانفرنس توانائي بحران سان منهن ڏيڻ لاءِ مفيد ثابت ٿيندي. نواز شريف چيو ته چين طرفان توانائي منصوبن ۾ دلچسپي مثالي آهي. وزيراعظم نواز شريف ان کان پهريان پاڪ برطانيا توانائي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته برطانيا طرفان توانائي ڪانفرنس جو ڪرائڻ خوشي جهڙي ڳالهه آهي، ڪانفرنس ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پهچ واري نظام تي بحث ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان جو عزم آهي ته حڪومت جو ڪردار منتظم بدران سهولتڪار ٿئي، اسان جي جي ڊي پي گروٿ سٺي آهي، اسان ڪاميابي سان مهانگائي ۽ غير ضروري خرچ تي ضابطو آندو، اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي سٺي مارڪيٽن مان آهي، يقين آهي ته ڪانفرنس نهايت مفيد ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ملڪ جي ڀڄ ڊڪ سنڀاليندي ئي معيشت کي صحيح پاسي تي آندو، اسان تجارتي گهاٽي کي 8 مان گهٽائي هڪ سال ۾ 6 تي آندو، اقتصادي ترقي جي شرح هن وقت 1 .4 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال 5 سيڪڙو تائين وڌڻ جي اميد آهي، اسان مشڪل فيصلا ڪيا جنهن جا مثبت نتجا نڪتا، توانائي ۽ مواصلاتي ڍانچو صنعتي ۽ سماجي ترقي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، مسئلن جو حل گڏجي ڳولڻ جي ضرورت آهي، خانگائڻ واري شعبي ۾ ماهرن جي راءِ مددگار هوندي، اسان جو عزم آهي ته پاڪستان کي توانائي جي بحران مان ڪڍون. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي برطانوي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي توانائي ڪانفرنس ۾ ڀليڪار چوان ٿو، برطانيا قابل تجديد ڪاروائي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، برطانيا پاڪستان سان سهڪار ڪندو، پاڪستان جي صنعتي شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ توانائي جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ برطانيا پاڪستان جي مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *