سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي ڏنل ڊيد لائين ۾ واڌڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وفاقي حڪومت کي 4 2 نومبر تائين آخري مهلت ڏيندي حڪم جاري ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت 4 2 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري نه ڪئي ته وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس انور ظهير جمالي جي نامزدگي پاڻمرادو ختم ٿي ويندي جنهن لاءِ ڪنهن نوٽيفڪيشن جي ضرورت نه آهي، عدالت حڪومت جي هڪ مهيني جي مهلت واري درخواست رد ڪري مقرري لاءِ وڌيڪ 0 1 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي. فاضل بئنچ رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو عمل پهرين شروع ڪيو ويو هجيها ته هيستائين مڪمل به ٿي چڪو هجي ها، عدالت پهرين به حڪومت کي ڪافي وقت ڏئي چڪي آهي، جيڪڏهن حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ته ائين نه ٿئي جو وزيراعظم وري پرڏيهي دوري تي هجي ۽ مقرري جو عمل نه ٿي سگهي پوءِ ڇا ٿيندو؟. خميس ڏينهن چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ مخالف ڌُر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وچ ۾ مشاورت بعد 3 نالن تي حتمي اتفاق ڪيو ويو هو. پر بدقسمتيءَ سان جن شخصيتن جا نالا حتمي ڪيا ويا انهن مان 2 ماڻهن ان عمل جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم کي طئي ٿيل دوري تي ٻاهرين ملڪ وڃڻو پئجي ويو، جڏهن ته مخالف ڌُر جو اڳواڻ به طبي موڪل تي لنڊن ۾ موجود آهي، جنهن تي چيف جسٽس ناصرالملڪ رمارڪس ڏنا ته اوهان اهو عمل پهرين شروع ڪيو هجي ها ته هيستائين مڪمل به ٿي چڪو هجي ها. ان موقعي تي جسٽس دوست محمد خان چيو ته عدالت پهرين به حڪومت کي ڪافي وقت ڏئي چڪي آهي، جيڪڏهن حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ته اهو نه ٿئي جو وزيراعظم جا وڌيڪ پرڏيهي دوران هجن ۽ مقرري جو عمل نه ٿي سگهي پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هاڻ ائين نه ٿيندو. اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ مخلصاڻا ڪوششون ڪري رهي آهي. هن عدالت کي اپيل ڪئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت اٽارني جنرل جي اپيل تي حڪومت کي 4 2   نومبر تائين جي مهلت ڏيندي چيو ته اوهان ان عمل کي مڪمل ڪري وٺو، اهو نه ٿئي جو وزيراعظم وري دوري تي هليو وڃي. اٽارني جنرل عدالت کي خاطري ڏياري ته 4 2 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ٿي ويندي. جنهن تي چيف جسٽس آرڊر جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن 4 2 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري نه ٿي ته وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر جي نامزدگي پاڻمرادو ختم ٿي ويندي ۽ سپريم ڪورٽ پنهنجو جج واپس وٺي ڇڏيندي. بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 4 2 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *