ترقياتي اسڪيمن ۾ سنڌ کي جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن ۾ کيس جائز حصو نه ڏنو ويو، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ سنڌ سان ظلم ڪيو ويو، 74 ارب رپين مان هڪ انچ روڊ به نه بڻايو ويو. مراد علي شاهه چيو ته بزنس ڪميونٽي به وزيراعظم کان تنگ آهي، خبر نه آهي وزيراعظم ڪنهن جي هدايت تي هلي رهيو آهي، اڪنامي ۾ 3 سيڪڙو به نمو نه ٿي سگهي، وزيراعظم فيصلو ڪندي وقت صوبن ۽ تاجرن کي اعتماد ۾ نه ورتو، جيستائين اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ نه وٺنداسين ته مسئلا وڌندا. اهڙن خيلن جو اظهار هن اين اي سي اجلاس سان واپس اچڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ان سان گڏ پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اطلاعات وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ايڪسائيز وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي اسيمبلي ميمبر اعجاز جکراڻي ۽ ٻيا موجود هئا. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيندڙ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اين اي سي جي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن اسان اسلام آباد وياسين، گذريل سال نيشنل اڪنامڪ ڪونسل جا 2 اجلاس ٿيا هئا، گذريل ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ پنج سال جو منصوبو منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، هلندڙ سال نيشنل اڪنامڪ ڪونسل جو ڪوبه اجلاس ڪوٺايو نه ويو، وزيراعظم نيشنل اڪنامڪ ڪونسل جي سربراهي ڪندو آهي، نيشنل اڪنامڪ ڪونسل کي گهٽ ۾ گهٽ 2 اجلاس ٿيڻ گهرجن. وڏي وزير پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته قومي اقتصادي ڪونسل آئيني ادارو آهي، پهرين ڀيرو ايئن ٿيو آهي ته اين اي سي ۾ 3 ايڊوائزر ورتا ويا، آئين ۾ لکيل آهي اداري طرفان سال ۾ 2 اجلاس ٿيڻ گهرجن، 30 جون تائين ٻئين ميٽنگ ٿيندي ته آئيني تقاضا پورا ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم فيصلو ڪندي وقت صوبن ۽ تاجرن کي اعتماد ۾ نه وٺندو آهي، جيستائين صوبن يعني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ نه کڻندو ته مسئلا رهندا. مراد علي شاهه چيو ته بزنس ڪميونٽي به وزيراعظم کان تنگ آهن، خبر نه وزيراعظم ڪنهن جي هدايت تي هلي رهيو آهي، اڪنامي ۾ 3 سيڪڙو به نمو نه ٿي سگهي، وزيراعظم فيصلا وٺندي وقت صوبن ۽ تاجرن کي اعتماد ۾ نه وٺندو آهي، جيستائين اسٽيل هولڊرن کي گڏ نه کڻندا ته مسئلا رهندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ته معيشت ۾ 4 سيڪڙو گروٿ ٿيندي جيڪا آئون نه ٿو سمجهان ته ٿيندي. اجلاس ۾ 5 سال جو منصوبو منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، مون وزيراعظم کي چيو اوهان 5 سال جو منصوبو صوبي سان شيئر  ڪيو، جنهن جو ان وقت منهنجي سوال جو جواب نه هو. هن چيو ته وفاق صوبن کي اعتماد ۾ وٺندي فيصلو ڪري، وفاق اسڪيمن بابت پاڻ ئي فيصلا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم پي ايس ڊي پي منظور ڪرڻ کان بغير اجلاس کان اٿي هليو ويو، صنعتڪار مونکي چوندا رهيا ته وزيراعظم اسان سان نه ٿو ملي. وڏي وزير چيو ته مون وزيراعظم کي چيو آڪٽوبر ۾ اين اي سي ۾ ملاقات ٿي هئي، مون وزيراعظم کي چيو سنڌ کي پي ايس ڊي پي ۾ حصو نه پيو ملي. مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ لکيل آهي ته ايندڙ سال 5 سيڪڙو گروٿ ٿيندي، پر جهڙي ريت منصوبا بڻايا ويا آهن ان ۾ 3 سيڪڙو به گروٿ ممڪن نه آهي، سڀئي منصوبا سيڪريٽري پيش ڪيا ۽ ميمبرن کان کيس راءِ به نه گهري وئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ کي اسڪيمن ۾ جائز حصو نه ڏنو ويو، پي ٽي آئي اين اي سي ۾ وڃاڻ کان بغير پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام) کي تبديل ڪيو ۽ سيپٽمبر 2018 ۾ ٻيهر پي ايس ڊي پي بڻائي وئي. هن چيو ته اسان جا 36 منصوبا پي ايس ڊي پي مان ڪڍيا ويا آهن، اين ايڇ اي، سنڌ سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، 74 بلين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 1.1 بلين رپيا خرچ ٿيو اهو به زمين جي حصول تي خرچ ڪيو ويو، ميرپورخاص-عمرڪوٽ سيڪشن هاءِ وي اسڪيم ختم ڪئي وئي. مراد علي شاهه چيو ته روهڙي ۾ درياءَ تي پل بڻائڻ جو نواز شريف اعلان ڪيو هو، ان دور ۾ پهرين 5 ڪروڙ پوءِ بعد ۾ اڍائي ارب رکيا ويا، آئون خوش هوس ته 4 سال ۾ اسڪيم مڪمل ٿي ويندي پر اها اسڪيم به روڪي وئي، شهدادپور، حيدرآباد ۽ سکر ۾ روڊن جون اسڪيمون به ختم ڪيون ويون. هن چيو ته نواز شريف چيو هو گرين لائين کي هڪ سال ۾ مڪمل ڪنداسين، جنهن جي انفرااسٽرڪچر تي 3 سال لڳي ويا، جڏهن موجوده وفاقي حڪومت سان ڳالهايو ته چيائين بسون اوهان آڻيو. ان کانپوءِ شهدادپور- حيدرآباد ۽ هيدرآباد-سکر روڊ جون اسڪيمون به ختم ڪيون ويون. نادرن باءِ پاس منصوبو جيڪو ڇهه رويا هو ان کي به پي ايس ڊي پي مان ڪڍيو ويو. ان کانپوءِ ٽنڊو ڄام ايڇ اي سي اسڪيم هئي، مهران يونيورسٽي سينٽر آف آرٽ منصوبو به ڪڍيو ويو. منڇر جهيل کي تازو پاڻي ڏيڻو هو اهو به نه ٿي سگهيو، ڪي بي فيڊر جي لائيننگ ۽ سکر بيراج جون اسڪيمون به ڪڍيون ويون. وڏي وزير چيو ته آئون وزيراعظم کي چيو ته اوهان اسان جون 36 اسڪيمون ته ڪڍي ڇڏيون آهن هاڻي وڌيڪ 31 اسڪيمون ٻيون ڪڍڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن وفاق کي ڪوبه فيصلو ڪرڻو آهي ته صوبن کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ايس ٿري جي اسڪيم به ختم ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ايس ٿري منصوبي لاءِ وزيراعظم چيو آهي ته ان ۾ گهوٻيون ٿي آهن، جنهن تي مون کيس چيو ته جنهن به گهوٻيون ڪيون آهن، ملوث ماڻهن کي سزا ڏيو، پر ڪراچي جي شهرين کي ته سزا نه ڏيو. هن چيوته هڪ طرف سنڌ ۾ ترقي تي گاريون پيون ڏنيون وڃن ٻئي طرف وفاق چوي ٿو ته سنڌ ۾ ڪوبه ترقي پذير علائقو نه آهي، جڏهن ته ٽنڊوڄام ۾ هڪ منصوبو هو اهو به ڪڍيو ويو. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال 119 ارب جون اسڪيمون آهن، هڪ طرف چون ٿا 10 سال ۾ سنڌ ڪجهه نه ڪيو، ٻئي طرف سمري ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه گهٽ ترقي وارو علائقو نه آهي، وفاق اسڪيمن بابت فيصلا پاڻ ڪري رهيو آهي. حيدرآباد يونيورسٽي جي 2 ارب رپيا واري اسڪيم لاءِ به فقط 50 ڪروڙ رکيا ويا. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي لوڪلائيز ڪيو آهي پر سنڌ جي لوڪلائيز اسڪيم تي سنجيده نه آهي. وڏي وزير چيو ته ايندڙ سال جي پي ايس ڊي پي ۾ 129 بلين رپين جون اسڪيمون آهن پر سنڌ کي ان ۾ ڪوبه خاص شيئر نه ڏنو ويو. وفاقي حڪومت چوي ٿي ته صوبن جي روڊن جون اسڪيمون نه ڪنداسين ته پوءِ وفاقي حڪومت ساوٿ پنجاب، بلوچستان ۽ فاٽا ۾ روڊن جون اسڪيمون ڪهڙي بنياد تي هلائي رهي آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ پسمانده علائقا نه آهن، ۽ ساڳيا لفظ مون وزيراعظم کي چيو ته اوهان پنهنجي تقرير ۾ ضرور چئو. مراد علي شاهه چيو ته اين ايف سي اجلاس جي آخر ۾ وزيراعظم پي ايس ڊي پي بغير منظوري جي اجلاس مان اٿي هليو ويو، ٻئي ڏينهن اخبار ۾ پڙهيو ته منظور ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته روينيو بابت وفاقي وزير  خسرو بختيار سان اڄ وڊيو ڪال تي ڳالهائيندي سمورن مسئلن بابت آگاهه ڪيو آهي جنهن تي هن مونکي خاطري ڪرائي آهي ته ڪجهه اسڪيمون جيڪي ختم ڪيون ويون آهن اهي ٻيهر شامل ڪنداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته 7 سيپٽمبر 2018 جو آئون وزيراعظم کي خط لکيو هو ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ 14 ارب رپيا جو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت 7 ارب رپيا ڏنا آهن، وڏي وزير چيو ته سڄو سال گذريو ويو ۽ 14 ارب جي اسڪيم تي فقط 15 ڪروڙ خرچ ٿيا آهن، منصوبي تي وزيراعظم کي خط کيو جنهن تي ايڪشن ورتو ويو پر نتيجو ٻڙي نڪتو. وڏي وزير چيو ته مراد سعيد اسٽيٽ منسٽر هو هو ڪراچي آيو پر وزيراعليٰ هائوس ۾ اچڻ لاءِ تيار نه ٿيو. اسٽيٽ منسٽر مان مڪمل منسٽر بڻجي ويو ڇوته هن وزيراعليٰ سان ملڻ کان  انڪار ڪيو. هن ٻڌايو ته 62 ارب رپيا جو ڪراچي پيڪيج تي 162 رپيا به نه مليا، گرين لائين منصوبي لاءِ وفاقي حڪومت بسون ڏيڻ تي رضامند ٿي هئي پر ڪجهه به ڪيائين. هلندڙ سال اپريل ۾ ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ نفيس منسٽر چيو ته جيڪا رقم سنڌ حڪومت اسپتالن تي خرچ ڪري رهي آهي اها اسان ايٽ سورس ختم ڪنداسين، ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته وزيراعظم هر شيءِ تي نفيس ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي گمراه ٿئي ٿو، ڪجهه ماڻهو غلط مشورا ڏئي رهيا آهن ۽ غلط مشورا ورتا وڃن ٿا. وڏي وزير چيو ته 7 مارچ 2018 ، اين اي سي جو اجلاس ٿيو، خاقان عباسي وزيراعظم هو، مون چيو ته اسڪيم جو صوبي جي تحت لوڪيشن لائيڪ وائيز آهي ۽ اهو فيصلو ٿيو ويو، پر هاڻي به اسڪيم جي لوڪيشن نه پيا لکن، جنهن سان خبر نه ٿي پوي ته ڪيتريون اسڪيمون سنڌ کي ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ٿر ۾ اسان پاور پلانٽس کي پاڻي ڏيڻ چاهيون ٿا، پر هو چون ٿا ته اهو صوبي جي پاڻي واري اسڪيم ٿيڻ گهرجي، اسان چيو ته سکر بيراج، ڪوسٽل هاءِ وي به پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو، مون پرپوز ڪيو آهي ته موٽروي کان دادو تائين اندريان روڊ تعمير ڪيو وڃي پر اڃان تائين انهن ڪوبه وعدو نه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته نئين پي ايس ڊي پي ۾ روڊ نيٽ ورڪ، ايگريگيشن ۽ هاءِ ايجوڪيشن جي اسڪيمن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته 35 ارب رپين جا منصوبا پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڏنا ته وفاق جي اسڪيمن کي ايگزيڪيوٽ ڪري پر اهو ڪم ٿيندي ٿيندي 7 بلين رپين جو ٿي ويو، 88 اسڪيمون سنڌ بيسڊ آهن جيڪي حذف ٿي رهيون آهن، ايس ٿري منصوبو 8 بلين رپين جو هو، شروع ۾ 50:50 سيڪڙو انٽريٽڊ پاڻي سمنڊ ۾ هوندو آهي. وڌيڪ چيو ته آئيني ادارا اين اي سي، سي سي آئي جنهن جو هر 90 ڏينهن کانپوءِ اجلاس ٿيڻو آهي پر اهي نه ٿا ڪن. هاڻي سي سي آئي جي ميٽنگ شيڊول ٿي آهي پر ان کي به رد ڪيو ويو آهي هاڻي شايد 17 جون تي ٿيندي. وڏي وزير چيو ته آئون سٺو سوچيان ٿو، شايد انهيءَ ڪري جو نفيس نه آهيان، اجلاس مان اٿي وڃڻ غير سنجيده قدم آهي، وزيراعظم پي ايس ڊي پي کي منظور ڪرڻو نه هو شايد ميمبرن ئي ان کي منظور ڪيو آهي، ڇا هو سنجيده نه آهي؟ وڏي وزير چيو ته سنڌ مالي مشڪلات جو شڪار آهي، اسان پنهنجي بجيٽ ۾ ڪجهه نيون اسڪيمون شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وفاق ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت اين ايف سي، ارڙهين ترميم کي سي سي آئي جي اجلاس ۾ مستقل فيچر ڪيو، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي ئي حڪومت هلائي سگهي ٿي. پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻين صوبائي حڪومتن کان بهتر آهي، اسان عوام جي ووٽ ذريعي آيا آهيون انهيءَ ڪري اسان کي عوام جي فڪر آهي. وڌيڪ چيو ته اهو شخص جنهن تي قوم کي فخر هو ته هو سڀني مسئلن کان ملڪ کي ڪڍندو پر هو پاڻ نڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته سرڪيولر ريلوي پاڪستان ريلوي هلائيندي، اهو وفاقي حڪومت جو سبجيٽ آهي، جڏهن پي ايم ايل (ن) حڪومت لاهور ۾ ميٽرو ٺاهي ته اسان وفاق کي چيو هو ته ڪي سي آر اسان کي ڏنو ويو، جيڪو وفاق ڪنسيشن لاهور اورينج لائين ميٽرو کي ڏنو ويو آهي اهو ڪي سي آر لاءِ سنڌ کي به ڏنو وڃي. وزيراعظم نواز شريف ڪي سي آر تي ساورين گانرٽي، ڪي يو ٽي سي جو ڪنٽرول ۽ سي پيڪ ۾ مدد ڏيڻ تي وفاقي حڪومت رضامند ٿي وئي هئي، پر ڪي سي آر کي 8 مهينن کانپوءِ ساوريين گارنٽي ڏني وئي، منصوبو سست روي جو شڪار ٿيو حالانڪه ڪي سي آر منصوبي جو رائيٽ آف وي به انهن اڃان تائين اسان کي نه ڏنو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ريلوي بوگيز ۽ انجڻون نه آهن ته اسان 15 ڏينهن ۾ ڪيئن لوڪل ٽرين هلائينداسين. مراد علي شاهه چيو ته اسان سان وفاق جو سٺو رويو نه آهي تنهن هوندي به اسان پنهنجو حصو ضرور وٺنداسين، پر انهن جي نااهلي جو حل اسان وٽ نه آهي، اسان ته انهن کي حل ٻڌايو هو ته سيلز ٽيڪس سنڌ حوالي ڪيو، اسان وصوليون ڪري ڏينداسين پر اها ڳالهه انهن نه مڃي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ اسيمبلي ۾ جمع ٿيندي آهي، جيڪا پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وٽ ويندي آهي. وڌيڪ چيو ته مون خيبرپختونخواه جي به آڊيٽر جنرل جي رپوٽ اوهان آڏو رکندس، ان جي پيرس اسان کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي جي اپوزيشن کي سمجهه ئي نه آهي. آئون 2002 کان سياستدان رهيو آهيان، سياسي نظام ۽ سياسي ڪمن کي ڀلي ريت ڄاڻان ٿو، پر اهي ماڻهو ڪڏهن به سياسي سسٽم جي ويجهو کان به نه گذريا آهن ۽ وڏي منصب تي اچي پهتا آهن. وڏي وزير چيو ته نشتر روڊ جا 1.9 بلين رپيا جي اسڪيم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي ۽ جنهن تي 880 بلين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، منگهوپير 2.4 بلين رپيا جي اسڪيم آهي ۽ جنهن تي 1.37 بلين رپيا خرچ ٿيو آهي، اهو به وفاقي حڪومت بڻائي رهي آهي، پر انهيءَ جو الزام اسان مٿان لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت چوي ٿي ته 4.4 ٽريلين وصول ڪندي، جنهن ۾ اسان 100 بلين رپين کان وڌيڪ گهٽ مليا آهن. وڌي چيو ته اين اي سي جو ڪم آهي ته اڪنامڪس سان فناننس تي صوبن کي گائيڊ ڪري، پر اهو پنهنجو ڪم نه پئي ڪري. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت هيوي ٽيڪس لڳائڻ وڃي رهي آهي ، اسان ٽيڪس ان تي لڳائينداسين جنهن کي سهولت ڏيون ٿا، پر وفاق ته سڀن تي ٽيڪس لڳائي رهي آهي. هن چيو ته اسان جو غربت جي خاتمي وارو پروگرام آهي جيڪو اسان شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اهو پروگرام جون 10 تي چيئرمين پيپلز پارٽي پنهنجو اعلان ڪندو. مراد علي شاهه چيو ته ايڊز جو پکڙجڻ تشويشناڪ آهي، اسان کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي پر ان تي سياست ڪرڻ ناقابل برداشت آهي، اسان عوام جي اسڪريننگ ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان انڊومنٽ فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون، اسان متاثر ٿيندڙ جي تصديق کي به لڪ ۾ رکنداسين، ميڊيا کي به گهرجي ته هو متاثرين جو نالو نه وٺن. وڏي وزير چيو ته ايڇ آئي وي آهي پر اهو قابل علاج آهي جيڪڏهن انهيءَ جي وقت سر تشخيص ٿي وڃي. آخر ۾ هن چيوته پي ايس ڊي ۾ سنڌ کي خاص طور ڪراچي جناح ايوينيو تي فلائي اوو جي 14 بلين رپيا جي اسڪيم آهي. ۽ ڊملوٽي کان ايجوڪيشن سي روڊ، گرين لائين بي آر ٽي جي به 10.4 بلين رپين جي هڪ اسڪيم آهي پر ان لاءِ فقط 1 بلين رپيا رکيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *