نيب ۽ معيشت گڏ نه ٿا هلي سگهن، حڪومت جي ڪابه لائف ناهي: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته احتساب هلندو يا معيشت هلندي، حڪومت جو اسٽائيل ٻڌائي رهيو آهي ته هي نه هلندي، انشاالله اپوزيشن عيد کانپوءِ گڏجي تحريڪ هلائيندي، خميس تي آصف زرداري احتساب عدالت ٻاهران صحافي سوال ڪيو ته ڇا اپوزيشن عيد کانپوءِ گڏجي تحريڪ هلائڻ واري آهي، آصف زرداري جواب ڏنو ته انشاالله، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس جي سوال تي آصف زرداري خاموش ٿي ويو، اڳوڻي صدر وات تي آڱر رکي خاموش رهڻ جو اشارو ڏنو، صحافي سوال ڪيو ته حڪومت ڇا ڪرڻ وڃي رهي آهي، صحافي سوال ڪيو ته آصف صاحب توهان خاموش رهڻ جو مشورو ڏنو ته ڪيسيتائين خاموشي اختيار ڪندا رهندا، آصف زرداري جواب ڏنو ته اسان توهان کي ڪڏهن چيو آهي ته توهان خاموش رهو، مون چيو آهي ته مان خاموش آهيا، صحافي سوال ڪيو ته خان صاحب چيو هو ته توهان ايندا ته ڪنٽينر ۽ کاڌو پيتو ڏينداسين پر ڪالهه جيڪو ٿيو ان تي ڇا چوندا، آصف زرداري چيو ته هي ڇا کاڌو پيتو ڏيندا، هنن تي عوام کان کاڌو پيتو کسي ورتو آهي، صحافي ٻيهر سوال ڪيو ته جڏهن حڪومت ڪيرائڻ مقصود نه آهي ته حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو ڪهڙو فائدو، آصف زرداري چيو ته عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائينداسين، تحريڪ هلائڻ جا مختلف مقصد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *