بي اعتمادي کان بچڻ لاءِ عمران خان محفوظ رستو گهريو آهي: اپوزيشن جو انڪشاف

اسلام آباد(م.ڊ) هڪ اهم شخصيت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي پيغام موڪليو ويو آهي. ذريعن موجب مخالف ڌر جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته موجوده صورتحال ۾ عمران خان محفوظ رستو اختيار ڪرڻ جو چيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان آڇ ڪئي آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي واري رٿ واپس وٺي، اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس، عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر متفق نه ٿي ته ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.  اپوزيشن ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ اهم شخصيت جي پيغام تي غور ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي اڪثريت عمران خان تي اعتماد نه ڪرڻ جو چيو، ذريعن موجب مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته اسان وٽ پورا انگ اکر آهن، اسپيڪر کي چيو وڃي ته جلد کان جلد ووٽنگ ڪرائي وڃي، بي اعتمادي جي رٿ مڪمل ٿيندي ئي اسان کي فائدو ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن وزيراعظم لاءِ واحد فيس سيونگ”استعيفيٰ“ قرار ڏنو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *