شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: ڄام عبدالڪريم جي ضمانت منظور، صحافين سان منھن ماري، تشدد، موبائيل کسيا ويا

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي نامزد جوابدار ڄام عبدالڪريم جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هو پرڏيهه مان واپس آيو آهي ۽ الزامن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري ضمانت ڏني وڃي، عدالت ڄام عبدالڪريم جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، جيڪا 11 اپريل تائين هوندي، واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو ميمبر ڄام عبدالڪريم بي اعتمادي رٿ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ دبئي کان پاڪستان پهچي ويو آهي، گهرو وزير شيخ رشيد چيو هو ته ڄام عبدالڪريم قتل ڪيس ۾ نامزد آهي، واپسي تي کيس گرفتار ڪيو ويندو،.پ پ اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڄام ڪريم بجار جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران سرڪاري پروٽوڪول ۾ موجود ماڻهن ميڊيا جي نمائندن سان بدتميزي ڪئي، رڪاري پروٽوڪول ۾ موجود ماڻهن صحافي اياز بروهي تي تشدد ڪري موبائل فونز ڦريا، مرتضيٰ وهاب ۽ ڄام ڪريم جون تصويرون ٺاهڻ تي صحافي اياز بروهي تي مرتضيٰ وهاب جي گارڊ تشدد ڪيو ۽ کائنس موبائل فونز کسي ورتا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *