بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتي دور ۾ مير مرتضيٰ خلاف آپريشن جي اجازت ڏني هئي: غنويٰ ڀٽو جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئر پرسن ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهرواري غنويٰ ڀٽو انڪشاف ڪيو آهي ته پنهنجي ڀاءُ خلاف آپريشن جي اجازت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڏني هئي جنهن جو انڪشاف پاڻ بينظير پنهنجي زندگي ۾ ئي ان سان ڪيو هو ۽ مرتضيٰ جي موت کانپوءِ بينظير ان اجازت نامي تي تمام گهڻو روئيندي هئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ذميوار سعودي عرب آهي جڏهن ته پاڪستاني سياست آمريڪي سفارتخانو هلائي رهيو آهي جڏهن ته پ پ جي اڳواڻن غنويٰ ڀٽو جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته اهي صرف افواهون آهن ڊان نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ غنويٰ ڀٽو چيو ته مير مرتضيٰ جي قتل جو انصاف نه ملڻ جو ذميوار سسٽم آهي، بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ دوران پاڻ ئي پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو خلاف آپريشن جي اجازت ڏني هئي موت کانپوءِ هوءَ ان اجازت نامي تي روئندي هئي جنهن جو اعتراف بينظير ڀٽو پاڻ غنويٰ سان ڪيو هو، غنويٰ ڀٽو جو چوڻ هو ته پوليس اختياريون مير مرتضيٰ جي گرفتاري لاءِ آڦريشن ڪرڻ چاهين پيون جنهن جي اجازت انهن بينظير ڀٽو کان گهري، هو پاڻ ان سسٽم کان متاثر هئي جنهن سبب حمايت تي مجبور ٿي وئي، غنويٰ ڀٽو چيو ته بدقسمتي آهي ته اڄ به اهو ئي سسٽم هلي رهوي آهي، پاڻ بينظير به ان ئي سسٽم جي ور چڙهي وئي سسٽم ۽ حڪمران اپوزيشن کي بردشت نه ٿا ڪن، ڪلفٽن سانحي جي ذميواري به ان وقت جي حڪومت هئي  جڏهن ته ڪلفٽن سانحي جا شاهد به ماڊل ٽائون سانحي وانگر ضايع ڪيا ويا هن سوال ڪيو ته جوڊيشل ڪميشن جي فائنڊنگز رپورٽس عدالتن ۾ پيش ڇو نه ڪيون پيون وڃن؟ بينظير اپوزيشن ۾ هئي، مشرف جي حڪومت هئي ۽ ان جي ئي حڪومت جو نمائندو ڪلفٽن سانحي جو به ذميوار آهي، غنويٰ ڀٽو جو چوڻ هو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سبب آهي عمران خان جي ڌرڻي سبب حڪومت مشڪلاتن ۾ هئي ۽ ان جو پلان سي ڪافي حد تائين ڪامياب رهيو سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ نواز شريف جي مدد ڪري ٿو پئسو به ڏئي ٿو ۽ ٻئي طرف طالبان کي به سپورٽ ڪري ٿو جڏهن ته پاڪ آرمي ضرب عضب شروع ڪري ٿي عمران خان جي حڪومت واري صوبي خيبرپختونخواهه ۾ اسڪول جي ٻارن ۽ هٿياربند فوج جي جوانن تي حملي کناپوءِ عمران خان ڌرڻو ختم ڪي ڇڏي ٿو ۽ حڪومتي مشڪلات گهڻي حد تائين گهٽ ٿي وڃي ي، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سياست آمريڪي سفارتخانو هلائي رهوي آهي بلاول تعاون گهريو ۽ ٻيو رابوط ٿيو ته پيشڪش قبول ڪنداسين، غنويٰ ڀٽو جي دعويٰ تي بينظير ڀٽو جي پراڻي ساٿي ناهيد عباسي جو چوڻ هو ته غنويٰ ڀٽو جو احترام ڪريان ٿي پر هوءَ ان جون ڳالهيون دل سان قبول نه ٿي ڪري سگهان ڇو ته ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ ۾ ڪافي ويجهڙائپ هئي ۽ پاڻ ۾ اختلاف ختم ٿي چڪا هئا بينظير جي اهڙي فطرت نه هئي ته ڪنهن جي موت جي اجازت ڏئي هن جو چوڻ هو ته ڀٽو خاندان جا خانداني معاملا آهن ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ نه ٿي چياه جڏهن ته هوءَ يقين سان چئي سگهي ٿي ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته هوءَ مير مرتضيٰ جي قتل جي ضرور جاچ ڪرائي ها هوءَ اهو به واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته 6 نومبر تي بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ به مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کي استعمال ڪيو ويو ناهيد جو چوڻ هو ته مائنس ڀٽو فارمولو اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين ماڻهن شروع ڪيو  ان کانپوءِ هاڻ پيپلز پارٽي جيئن هلي رهي آهي سڀني جي سامهون آهي. سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته هي صرف افواهون آهن ان ۾ ڪابه حقيقت ناهي، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو مقدس ترين رشتن مان هڪ آهي. (ڊان نيوز جي ٿورن سان)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *