اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري واري طريقڪار ۾ تبديلي جي سفارش

اسلام آباد (بيورو) ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي،اعليٰ عدليه ۾ جج مقرر ڪرڻ واري طريقيڪار ۾ تبديليءَ جي سفارش ڪندي جسٽس فيصل عرب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ جسٽس مقبول باقر کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ججز جي مقرري بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر حاجي عديل جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران ججز جي مقرري وارو موجوده طريقيڪار تبديل ڪرڻ لاءِ ماتحت ڪميٽيءَ جي رپورٽ منظور ڪئي،جنهن موجب جج مقرر ڪرڻ لاءِ هاڻي هاءِ ڪورٽ جي سطح تي ڪميٽي قائم ٿيندي. ڪميٽي ۾ جج، وڪيل ۽ حڪومت جا نمائندا شامل هوندا،جيڪا جج مقرر ڪرڻ لاءِ نالا جڊيشل ڪميشن ڏانهن اماڻي سگهندي. ڄاڻايل ڪميٽي جڙڻ بعد مستقبل ۾ عدالتي ڪميشن پنهنجي مرضي موجب جج نامزد نه ڪري سگهندي. اجلاس دوران جسٽس فيصل عرب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، هاڻوڪي چيف جسٽس مقبول باقر کي سپريم ڪورٽ جو جج ۽ جسٽس رياض احمد خان کي وفاقي شرعي عدالتي جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *