آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪرڪيٽ کان موڪلائي سدائين لاءِ رٽائر ٿي ويندس، آڪلينڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد آفريدي چيو ته نيوزيليند خلاف سيريز ۾ سٺا نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻئي ٽيمون بهترين صلاحيت رکندڙ رانديگرن تي ٻڌل آهن، جيڪا ٽيم موقعي مان فائدو کڻندي،ڪاميابي ان جي ئي ٿيندي. محمد عامر بابت سوال جي جواب ۾ شاهد آفريدي چيو ته محمد عامر ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪرڪيٽ ۾ سندس واپسي سٺو سنئوڻ آهي.