بنگلاديش ۽ ڀارت جي تڪراري ڪوارٽر فائنل، آءِ سي سي جاچ لاءِ راضي

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ڪوارٽر فائنل ۾ ڀارت بنگلاديش کي 109 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني جنهن کانپوءِ بنگال ٽائيگرز ناقص امپائرنگ کي سبب قرار ڏيندي تمام گهڻي واويلا ڪئي جڏهن ته فيلڊ امپائرز عليم ڊار ۽ اين گولڊ جا پتلا به ساڙيا ويا، ان ئي تڪرار ۾ بنگلاديش سان تعلق رکندڙ آءِ سي سي جي صدر مصطفيٰ ڪمال به احتجاجن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هاڻ خبر پئي آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل معاملي جي جاچ لاءِ يقين ڏياريو آهي، بي سي بي جي صدر نظم الحسن جو چوڻ آهي ته اسان ڪوارٽر فائنل کانپوءِ ئي آءِ سي سي کي پنهنجن خدشن تي ٻڌل خط موڪلي ڇڏيو هو چيف ايگزيڪيوٽو ڊيو  رچرڊسن طرفان جيڪو شروعاتي جواب آيو ان ۾ هن چيو هو ته هو ان مقابلي جي بال، بال جي جاچ ڪندو جيڪو به  تجزئي جو نتيجو نڪوت ان سان بي سي بي کي به آگاهه ڪيو ويندو نظم الحسن واضح ڪيو ته بي سي بي جي شڪايت صرف امپائرنگ خلاف هئي ان جو ميچ جي مخالف سائيڊ سان ڪوبه تعلق نه هو، هن چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته ان سان بنگلاديش ۽ ڀارت جا لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *