بنگلاديش پريميئر ليگ جون ميچون فڪس هيون: آئن پونٽ

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪوچ آئن پونٽ بنگلاديش پريميئر ليگ 2013ع جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا هن چيو آهي ته ڍاڪا گليڊيئيٽرز جي ميچ فڪس هئي ۽ آءِ سي سي اختيارين جي چوڻ تي خفيه آپريشن جو حصو بڻيو، انگلينڊ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ڪوچ آئن پونٽ بنگلاديش پريميئر ليگ جو نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، هن چيو ته 2013ع جي ايڊيشن ۾ ڍاڪا گليڊيئيٽرز ۽ چٽاگانگ ڪنگز جي ميچ فڪس ڪرڻ لاءِ پلان ٺاهيو ويو، گليڊيئيٽرز جي گڏيل مالڪ جشن چوڌري فڪسنگ پلان کڻي آيو جنهن جي مطابق مشرفي مرتضيٰ کان ڪپتاني کسي اشرفل کي ڏيڻ، غير معروف فاسٽ بالر سميت 4 رانديگرن کي نمائندگي ڏيڻ ان گيم جو حصو هو آئن پونٽ جو چوڻ هوته آءِ سي سي جي اينٽي ڪپرشن يونٽ اختيارين جي چوڻ تي خفيه جو حصو بڻيو جنهن کانپوءِ ڊيوڊ رچرڊسن سميت ٻين ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *