بلوچستان ۾ روڊ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) حب ۾ وندر ويجهو روڊ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا ست ڀاتي فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان جي علائقي حب ۾ وندر ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرڪ ۽ ويگن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڄڻا فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا. حادثي جو شڪار ٿيندڙ پنهنجن عزيزن سان ملڻ سرياب روڊ وڃي رهيا هئا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، حادثي کان پوءِ فوتين ۽ زخمين کي حب ۽ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿيندڙ لياقت آباد بلوچ پاڙا جا رهواسي هئا، حادثي ۾ ڪراچي سول اسپتال پهچي دم ڏيندڙ عورت جي سڃاڻپ حضيفهٰ جي نالي سان ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *