اختر مينگل جي پ پ چيئرمين سان ملاقات، بلوچستان جي عوام جا زخم ڀرڻ بغير ملڪي ترقي جو هر تصور ناپائيدار هوندو: بلاول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي گرفتاري تي ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو آهي . ان اهم ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ اختر مينگل ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،  جڏهن ته بدترين معاشي صورتحال تي پيدا ٿيندڙ عوامي بي چيني ۽ ردعمل به بحث هيٺ آيو. سردار اختر مينگل پ پ چيئرمين کي چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري تي ايڪي جو اظهار ڪرڻ لاءِ توهان وٽ آيو آهيان،  حڪومت 10 مهينن ۾ بي اين پي جي ڇهن نڪتن تي عملدرآمد ناهي ڪري سگهي. بلاول ڀٽو زرداري ٻڌيءَ جو اظهار تي سردار اختر مينگل جا ٿورا مڃيا، پ پ چيئرمين چيو ته بلوچستان جي عوام جا زخم ڀرڻ بغير ملڪي ترقي جو هر تصور ناپائيدار هوندو. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان بلوچ عوام جي حقن جي فراهمي جي سلسلي کي ايندڙ حڪومتن روڪي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *