بلوچستان ۾ برساتن، ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت

ڪوئٽه (م.ڊ) بلوچستان ۾ چوماسي جي برساتن کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪيترن ئي ضلعن ۾ تباهين جو سلسلو جاري آهي هينئر تائين مختلف واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. پي ڊي ايم اي موجب ضلعي بولان جي تيوسي بهاگ ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ وهڪري ۾ ٻڏي ويا. ضلعي چاغي جا به ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل جو سلسلو جاري آهي. جهل مگسي ۾ ڦاٿل مسافرن کي ريسڪيو ڪيو ويو. برساتن سبب متاثر روڊن جي مرمت جو ڪم جاري آهي. پي ڊي ايم اي ڳري مشينري جي دستيابي سميت سموريون تياريون مڪمل ڪري متاٿر علائقن ڏانهن امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته عوام کي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران غير ضروري سفر نه ڪرڻ جي اپيل به ڪئي وئي آهي. بولان ۾ 3، ڊيره بگٽي ۽ خضدار ۾ 2-2 ڄڻا فوت ٿي ويا. جعفر آباد ۽ ڪوهلو ۾ هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ وهڪري واري پاڻي سبب 142 گهر ٻڏي ويا، 2 پلن، هڪ لنڪ روڊ ۽ هڪ ڊيم کي نقصان پهتو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *