بلديه ٽائون سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا سانحي جي حوالي سان جي آءِ ٽي جي پهرين جاچ رپورٽ واويلا مچائي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ ان تي اعتراض شروع ٿي ويا ۽ ايم ڪيو ايم طرفان خدشن جو اظهار به ڪيو ويو وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ڪراچي دوري کانپوءِ نئين جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي وئي آهي،  سنڌ پوليس جو ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين ڀٽي کي ٽيم جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا بلديه ٽائون سانحي جي پاڻمرادو جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي، ٽيم ۾ ڊي آءِ جي مشتاق مهر، ڊائريڪٽر ايف آءِ آي سنڌ شاهد حيات به شامل آهن جڏهن ته رينجرز جو ونگ ڪمانڊر به جي آءِ ٽي جو حصو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *