ڪراچي : هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نارٿ ناظم آٻاد ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته پوليس واقعي ۾ ملوث هڪ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ حيدري پوليس اسٽيشن ويجهو موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻا گاڏي تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ گاڏي   سوار ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا امدادي رضاڪارن لاشن کي عباسي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي انهن جي سڃاڻپ نواز ۽ محمد ڪريم جي نالن سان ڪئي وئي، ٻئي طرف پوليس فائرنگ  ۾ ملوث هڪ ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جوابدار جي سڃاڻپ حيدر جي نالي سان ڪئي آهي آءِ جي سنڌ به ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪندڙ اهلڪارن لاءِ 5 لک روپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *