بلاول ڀٽو لاءِ اپوزيشن ليڊر جو عهدو قربان ڪري ڇڏيندس: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هو بلاول ڀٽو لاءِ اپوزيشن ليڊر جو عهدو قربان ڪري ڇڏيندو، سندس دلي خواهش آهي ته بلاول اسيمبلي جو حصو بڻجي. اسلام آباد ۾ م ميڊِيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته هو بلاول ڀٽو زرداري جي ساٿي ۽ صلاحڪار طور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، کيس وڏو وزير ڪيو وڃي يا نه، ان جي پرواهه ناهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته پ پ هميشه جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو آهي، هو چاهين ٿا ته سموراادارن پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن. اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته پ پ خلاف سازشون نه ماضي ۾ ڪامياب ٿيون آهن، نه هاڻ ڪامياب ٿينديون، ملڪ جو ڀلو جمهوريت ۾ ئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *