سنڌ حڪومت پاران پاڪ فوج جي شهيدن ۽ زخمين لاءِ 9 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 9 هزار ايڪڙ ٻيلي جي زمين پاڪستان آرمي جي شهيد اهلڪارن جي وارثن کي الاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو فيصلو چيف منسٽر هائوس ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. چيف منسٽر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان آرمي 2001ع ۾ ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور ۾ 35521 ايڪڙ فاريسٽ لينڊ جي الاٽمينٽ جي درخواست سنڌ حڪومت کي ڏني هئي ۽ ان سلسلي۾ فائيل تي مختلف آفيسن ۾ ڪم ٿيندو رهيو جيئن ته درخواست ٻيلي جي زمين پاڪ فوج جي شهيدن جي ڪٽنبن کي الاٽ ڪرڻ بابت آهي تنهنڪري چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ڄاڻايل زمين جي الاٽمينٽ لاءِ ذاتي طور تي چيو هو. ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڄاڻايل زمين ڳڙهي ياسين جي گولو ديرو جي علائقي ۾ آهي ان مان 5 هزار ايڪڙ زمين ڪجهه بااثر ماڻهن جي غيرقانوني قبضي ۾ هئي جنهن کي تازو ئي رينجرز خالي ڪرايو آهي. صوبائي وزير چيو ته 25 هزار ايڪڙ ٻيلي جي زمين مان 5 هزار ايڪڙ زمين خانگي مالڪن وٽ آهي. هن وقت 9 هزار ايڪڙ زمين سندس کاتي وٽ موجود آهي جيڪا جيڪڏهن شهيدن جي ڪٽنبن کي الاٽ ڪئي وڃي ته سندس کاتي کي ڪو اعتراض نه هوندو. چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ چيو ته پاڪ فوج 500 شهيدن جي ڪٽنبن جن مان 200 جو تعلق سنڌ سان آهي لاءِ زمين جي درخواست ڪئي هئي ۽ جئين ته اها درخواست صحيح آهي تنهنڪري ان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو شعيب صديقي چيو ته پاليسي تحت فاريسٽ لينڊ فقط زرعي مقصدن لاءِ الاٽ ڪري سگهجي ٿي ۽ پاڪستان آرمي به زرعي مقصدن لاءِ زمين استعمال ڪرڻ جي درخواست ڪئي تنهنڪري حڪومت کي زمين جي الاٽمينٽ ۾ ڪو عار نه آهي. ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري سجاد عباسي چيو ته پاليسي تحت ٻيلي جي زمين جو ليز هولڊر الاٽ ڪيل مجموعي زمين جي 20 سيڪڙو تي ٻيلو پوکڻ جو پابند هوندو جڏهن ته باقي 80 سيڪڙو زمين زرعي مقصدن لاءِ هوندي. سنڌ جي وڏي وزير اصولي طور تي پاڪستان آرمي کي زمين جي الاٽمينٽ جي منظوري ڏني ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ان سلسلي ۾ سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *