بلاول ڀٽو زرداري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سينيٽر فرحت الله بابر جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد جوڙي ورتو

اسلام آباد (بيورو) بلاول ڀٽو زرداري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سينيٽر فرحت الله بابر جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد جوڙي ورتو. آل پارٽي ڪانفرنس بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل گروپ پاران 10 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪوٺائي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري پاران جوڙيل وفد ۾ سنڌ مان سينيٽر تاج حيدر، مراد علي شاهه ۽ بلوچستان مان پيپلز پارٽي جو سينيٽر يوسف بلوچ شامل آهن. بي اين پي اڳواڻ عبدالرئوف مينگل بلاول ڀٽو زرداري کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *