ٻن سالن ۾ 2533 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ نيشنل ايڪشن پلان هيٺ دهشتگردن ۽ مدرسن جي خلاف ڪيل ڪاررواين جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي.وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي جو چوڻ آهي ته ٻن سالن ڪل 2533 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.تفصيل مطابق گهرو وزير چوڌري نثار علي ايوان کي ٻڌايو ته ٻن سالن ۾ ڪل 2533 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن،جن مان 726 کي آزاد ڪيو ويو. نيشنل ايڪشن پلان هيٺ پنجاب مان 55،سنڌ مان 897،ڪي پي ڪي مان 1068،،بلوچستان مان 193،اسلام آباد مان 42، فاٽا مان 206 ۽ گلگت بلتستان مان 72 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.پنجاب مان 7 ،ڪي پي ڪي مان 635،بلوچستان مان 43 ۽ گلگت بلتستان مان 41 گرفتار دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو وزير مملڪت بليغ الرحمان ايوان کي ٻڌايو ته قومي ايڪشن پلان هيٺ ڪجهه ماڻهن صوبن ۾ قانون جوڙڻ جي ضرورت آهي. ايڪشن پلان تي عمل سان دهشتگردن جي خلاف اثرائتي ڪارروائي ٿي آهي. ايڪشن پلان تي عمل سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان رابطن کانپوءِ ٿي رهيو آهي.پابندي مڙهيل تنظيمن جي ميمبرن جي فهرست تياري جي مرحلي ۾ آهي.فهرست ۾ شامل ماڻهن جا نالا نادرا،ايف آئي اي،پاسپورٽ اينڊ ايميگريشن،بينڪن ۽ ٻين ادارن سان جوڙيو ويندو.پابندي مڙهيل تنظيمن جي ماڻهن جي چرپر،پئسن جي مٽاسٽا تي نظر رکي سگهبي.فهرستن جي تياري کانپوءِ پابندي مڙهيل تنطيمن جي ماڻهن جي حساس ادارن ۾ داخلا ڏکي ٿي ويندي.گهرو وزارت پاران لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان هيٺ ملڪ ۾ 182 شڪي مدرسا بند ڪيا ويا.سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ 72 مدرسن کي بند ڪيو ويو،جڏهن ته پنجاب ۾ 2،خيبرپختونخوا ۾ 13 شڪي مدرسن کي نيشنل ايڪشن پلان هيٺ بند ڪيو ويو. لکت واري جواب ۾ اهو به چيو ويو ته ملڪ ۾ 190 مدرسا پرڏيهه کان فنڊنگ وٺي رهيا آهن، اسلام آباد ۽ پنجاب جا 147،سنڌ جا 6، خيبرپختونخوا جا 7 ۽ بلوچستان جا 30 مدرسا پرڏيهي فنڊنگ وٺي رهيا آهن.اسلام آباد ۽ پنجاب جا 100 سيڪڙو مدرسن جي چڪاس جو ڪم پورو ڪيو ويو آهي.سنڌ جا 80 سيڪڙو،خيبرپختونخوا جا 75 ۽ بلوچستان جا 60 سيڪڙو مدرسن جي چڪاس ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *