بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو ۽ مولابخش چانڊيو جي مرحوم جهانگير بدر جي گهر آمد، ڀاتين سان تعزيت

لاهور (اي پي پي) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڱاري ڏينهن سينئر اڳواڻ مرحوم جهانگير بدر جي ڪٽنب سان تعزيت لاءِ سندن گهر پهتو. ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري ۽ اطلاعات وارو صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو پڻ ساڻس گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري مرحوم جهانگير بدر جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي. بلاول ڀٽو جهانگير بدر جي گهر ڀاتين سان ڳالهائيندي چيو ته مرحوم جي پارٽي لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته مرحوم منهنجي نانا ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ۽ والده بينظير ڀٽو شهيد سان گڏجي جمهوريت ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *