پاڪستان هميشه ڀارت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو پر ڀارت سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري اسان جي جوانن کي شهيد ڪيو: مولابخش چانڊيو

لاهور (اي پي پي) جهانگير بدر جي گهر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو ته جهانگير بدر جي وفات تي سمورا ڪارڪن ڏکويل آهن ۽ کين پنهنجي اڳواڻ جي وڇوڙي جو تمام گهڻو ڏک آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي نانا شهيد جي رستي تي هلي رهيو آهي. پ پ پ عوام دوست ۽ وطن پرست پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام جي دلين ۾ آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته جنهن وقت پي ٽي آءِ ريلي ڪڍي رهي هئي ۽ ڌرڻا هڻي رهي هئي ان وقت ڪجهه ماڻهو چئي رهيا هئا ته پ پ پ ڪٿي آهي؟ پر اسان ڪنهن به ڊرامي يا احتجاج جو حصو نه بڻياسين. رائيونڊ وڃڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ چيو پئي ويو ته رائيونڊ کي ڊاهيو ويندو پر اڄ رائيونڊ به اتي موجود آهي ۽ اسلام آباد وارو ڊرامو به بند ٿي ويو آهي. اسلام آباد کي بند ڪرڻ واريون سموريون ڳالهيون به بند ٿي ويون. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڀارت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو آهي پر ڀارت ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪري اسان جي جوانن کي شهيد ڪيو. ڀارت ڪڏهن به پاڪستان ڏانهن دوستي جو هٿ ناهي وڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *