بزدل ناهيو ته منهنجي تقرير ٻڌي پوءِ وڃو: حماد اظهر جو شهباز شريف ۽ بلاول کي چيلينج

اسلام آباد (اين اين آءِ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڀرپور جواب ڏيندي چيو آهي ته ڪرپسن جا داغ منهن ٽيڙهو ڪري انگريزي ڳالهائڻ سان صاف نه ٿيندا، اسان کي اڄ نابالغ ليڪچر مليو، جنهن ڪڏهن ڪاروبار نه ڪيو هو ٻڌائي رهيو آهي ته معيشت ڪيئن هلائڻي  آهي، اسان کي عوام چونڊيو آهي، اسان 10 پرسنٽ۽ 20 پرسنٽ سان ناهيون آيا، جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بجيٽ تي اظهار خيال کان پوءِ وفاقي وزير توانائي حماد اظهر چيو ته اپوزيشن کي چئلينج ڪيان ٿو ته منهنجي مڪمل تقرير ٻڌو، اپوزيشن ليدر ۽ بلاول ڀتو زرداري ۾ جرات آهي ته  منهنجي تقرير ٻڌي وٺو. هن چيو ته اسان کي اڄ هڪ نابالغ ليڪچر مليو ۽ هي نابالغ ليڪچر هن ڏنو آهي جنهن زندگي ۾ ڪڏهن ڪوئي ڪم يا ڪاروبار ناهي ڪيو، هن اسان کي ٻڌايو ته ملڪ ۽ معيشت ڪيئن هلائڻي آهي پر مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهن ٽيڙهو ڪري ۽ انگريزي ڳالهائي ڪردار ۽ دامن صاف نٿا ٿي وڃن، سيني تي لڳل ڪرپشن جا داغ انگريزي ڳالهائڻ سان صاف نه ٿيندا. حماد اظهر جي تند ۽ تيز الطاف تي اپوزيشن سيٽن تان شور بلند ٿيو ۽ شهبازشريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري ايوان مان هليا ويا. وفاقي وزير چيو ته اسان جي حڪومت کي ڪٺپتلي چيو ويو، ڇا اوهان اهڙي حڪومتي چاهيو ٿا. جنهن سان نالن سان نه پر بدترين اسڪينڊلز سان ماڻهن کي ياد ڪيا ويندو آهي. اسان کي عمران خان جي 22 ساله جدوجهد کان پوءِ عوام چونڊيو آهي، اسان ڪوئي 10 يا 20 سيڪڙو جي بنياد تي يا ڪجهه جاگيردارن کي پيسا ڏيئي هتي ناهيون آيا، هن چيو ته جيڪي اسان کي ملڪ هلائڻ سيکاري رهيا آهن، انهن جي بينجز تان آواز آئي ته گار ڏيڻ پنجاب جي ثقافت آهي، ايئن چوڻ وارو پنجاب جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب کي مسخ ڪري رهيو آهي، اهڙي شخص جي خلاف اسپيڪر تحريڪ استحقاق آڻي ۽ ان کي ڪٺهڙي ۾ بيهاري. هن چيو ته بلاول مهانگائي ۽ 4 فيصد جي شرح نمو تي گهڻو ڳالهايو هي ڪٿان کان اچي وئي ان سان ائين لڳي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين کي گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي جن جي دور حڪومت ۾ ڪوئي هڪ سال به اهڙو ناهي جنهن ۾ هن 4 سيڪڙو شرح نمو حاصل ڪئي هجي. مهانگائي جي شرح به ان جي دور ۾ موجوده سرح ساڍا 8 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. حماد اظهر چيو ته بلاول بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڳالهه ڪئي، هي اها ئي پروگرام اهي جنهن ۾ ان جي اڳواڻ فرازانه راجا ڏيڍ ارب رپين جي ڪرپشن جي الزام ۾ مفرور  آهي، اسان حڪومت ۾ آياسين ۽ ڏٺو ته پروگرام ۾ رجسٽرڊ لکين ماڻهو صاحب حيثيت هئا ۽ انهن جي صرف پيپلزپارٽي سان وابستگي جي وجهه سان وظيفو ڏنو پئي ويو. پروگرام سان هزارن جي انگ ۾ سرڪاري آفيسرن کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته انهن جي دور ۾ هن پروگرام ۾ 30 کان 35 لک ماڻهو هئا، اسان ان هڪ ڪروڙ 60 لک گهراڻن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد پهچائي آهي. هن چيو ته غربت ۽ بيروزگاري جي حوالي سان چيئرمين پيپلزپارتي پنهنجي ڳالهه کي پاڻ ئي متضاد بڻائي ڇڏيو، هڪ طرف چئي رهيا آهن ته ٽن صوبن ۾ غربت جي شرح ۾ گهٽٽائي آئي آهي. ۽ ٻئي پاسي چئي رهيا آهن ته ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان اڳوڻي فاٽا ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوئي ٽيڪس ناهي لڳايو، پاڪستان ۾ هن وقت پيٽرول دنيا ۾ سب کان سستو آهي، ليوي 2 سيڪڙو ۽ سيلز ٽيڪس 17 سيڪرو آهي، اسان عالمي منڊي ۾ تيلجي قيمت وڌائڻ جي باوجود پيٽرول اهڙي طرح مهانگو ناهي ڪيو.هن چيو ته بلاول ڀٽو چيو  آهي ته اسان ڪهڙي منهن سان  پنهنجن حلقن ۾ وڃون ٿا، اسان جي حلقن ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جي وبا ناهي ڦهلي اسانجن حلقن ۾ ماڻهو ايڇ آئي وي ۽ ايڊز کان محفوظ آهن. اسان جو حلقو موهن جي ڌڙي وارا حالات نه آهن، هن چيو ته ڪراچي جا ڪارڪن قومي اسيمبلي جي لاءِ جنهن حقارت جهڙا الطاف استعمال ڪيا ويا ان سان لڳي رهيو هو ته هڪ پاليسي جي تحت ايئن ڪيو ويو جو انقلاب ۽ سياسي تبديلي ڪراچي ۾ آئي آهي، اڳئين اليڪشن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به اينداسين. ڪجهه جاگيردارن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ۽ انهن کي پئسا ڏئي حڪومت ڪرڻ جو سلسلو هاڻي زياده دير نه هلندو. ڪرپشن سان ترقي ٿئي ها ته سنڌ  اڄ ڪيليفورنيا کان به اڳتي نڪري چڪو هجي ها. اگر ڪوئي ڏسڻ چاهي ٿو ته ڪرپشن سان ڪهڙي تباهي ايندي آهي ته هو سنڌ جو حال ڏسي وٺي، چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سنڌ ٻاهرين ملڪ ويٺل يونس ميمڻ هلائي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي اي پي جي قيمت بلڪل وي آهي ليڪن هن پاڻ به به زراعت ناهي ڪئي ان لاءِ ان کي ناهي معلوم ته پاڪستان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊي اي پي درآمد ڪندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جا اگهه وڌي چڪا آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو چيو هو ته افغانستان جي لاءِ ڪنهن کي اڏا نه ڏينداسين هي اها جماعت آهي جيڪا آمريڪا کي چوي ٿي ته توهان ڊرون حملا ڪندا رهو اسان مزمت ڪندا رهنداسين ماڻهو مرن ٿا ته مرن اسان کي ڪائي پرواهه نه آهي. هن چيو ته اڄ اسان جي زرمبادله جا ذخائر 6 سال جي بلندترين ستح تي پهچي چڪا آهن. 9 ارب ڊالر جا ذخيرا 16 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن اسان کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان زياده 10 کان 12 ارب دالر جو ٻاهرين قرض واپس ڪرڻو پئجي رهيو آهي حماد اظهر چيو ته اڄ اسان 4 سيڪڙو کان نمو حاصل ڪري رهيا آهيون ۽ 80 ڪروڙ ڊالر جو سرپلس اڪائونٽ آهي، اڄ اسان انٽرنيشنل ريٽنگ ايجنسينچيو ته صرف اپ گريڊ ڇا بلڪه فوربز ۽ جي پي مورگن ميگزينز هن ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو آهي. ته پاڪستان جي معاشي اصلاحات جي وجهه سان اسان بهترين اقتصادي پيش گوئي ملي رهيون آهن. هن چيو ته اهڙي معاشي سفر جي دوران اسان تي وبا جي آفت آئي ۽ چيو ويو ته سب جهه بند ڪري ڇڏيو، مان ان وقت به چيو هو ته بم نعرون پر نهين ڊيتا کي بنياد تي فيصلو ڪنداسين اسان زندگين سان گڏ روزگار بچائڻ جو به فيصلو ڪيو جنهن جي اڄ سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *