پارليامينٽ ۾ پيش آيل واقعي تي ڳوڙها ڳڙي آيا: مريم نفيس

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا مريم نفيس قومي اسيمبلي ۾ پيش آيل واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پيش آيل واقعي تي ڳوڙها ڳڙي آيا. مريم نفيس جو چوڻ هو ته جيڪي ڪتاب اڇلائي اڇلائي هنيا پئي ويا انهن تي پاڪستان لکيل هو، سياستدان اهڙي عمل سان جانورن ۽ جوڪرن کان به بدتر نظر آيا. هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح کان معافي وٺان ٿي ته اسين هاڻي اهڙي قوم بڻجي ويا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *