برطانيا جو ڪشميرين تي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو، ايل او سي جي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) برطانيا جي لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهين جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن پاڪستان سان تجارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي هٿي چاهيون ٿا گڏيل تجارتي حجم اڍائي ارب پائونڊ کان وڌائينداسين پاڪستان سان صرف اسٽريٽجڪ ڳالهين جي بجاءِ ٻين شعبن ۾ به تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا پاڪستان جي دوري تي آيل برطانوي پرڏيهي وزير بورس جانسن پاڪستاني پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن پاڪستاني معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي ۽ اسان ان سان تجارت ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا تجارتي سطح تي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حمايت ڪيون ٿا هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جي 70هين سالگرهه تي لاڳاپا بهتر ۽ وڌيڪ مضبوط ڪنداسين هن چيو ته خطي ۾ سيڪيورٽي جو معاملو تمام اهم آهي جنهن تي پاڪستان سان گڏ آهيون دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستانين جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن هن چيو ته سرتاج عزيز سان گڏ سيڪيورٽي تجارتي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي بورس جانسن چيو آهي ته ملاقات ۾ گڏيل علائقائي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن سان سٺين ڳالهين جي توقع رکون ٿا  ان کان اڳ برطانوي پرڏيهي وزير بورس جانسن ٻن ڏينهن جي دوري تي خميس تي پاڪستان پهتو ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪئي ملاقات دوران پرڏيهي صلاحڪار لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائي تي بريفنگ ڏني ۽ لاڳاپيل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو مسئلو اٿاريندي مطالبو ڪيو ته برطانيا ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *