پاڪستان جي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪمزوري ڏيکارڻ برابر هوندي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته ڀارتي فورسز جي فائرنگ سان 40 اهلڪارن سميت ڪيترائي شهري شهيد ٿي چڪا آهن. حڪومت ڀارتي اڳرائي کان سڄي دنيا کي آگاهه ڪري. پاڪستان نيو ڪليئر پاور آهي هڪ ملڪ تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هارٽ ايشيا ڪانفرنس ۾ وڃڻ پاڪستان جي ڪمزوري هوندي. تحريڪ انصاف 24 هين ترميم جي مخالف ايوان ۾ اچي ڪري، خميس تي قومي اسيمبلي ۾ خورشيد شاهه چيو ته سمورن ملڪن جون نظرون حڪومت، رياست هلائيندڙ پارٽي ۽ وزيراعظم تي کتل آهن ڀارت پاران 230 دفعا ورڪنگ بائونڊري جي خلاف ورزي ڪئي وئي ۽ هن وقت تائين 40 فوجين سميت ڪيترائي شهري شهيد ۽ 150 زخمي ٿي چڪا آهن پر حڪومت پاران ڀارتي اڳرائي تي خاموشي اختيار ڪئي وئي آحي هٿيار بند فوج ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير۾ اڳرائي ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته ڀارت پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪري رهيو آهي، پاڪستان نيو ڪليئر پاور آهي هن چيو ته پاڪستان جنگ نه ٿو چاهي پر ڀارتي حڪمران جنگ وڙهڻ چاهين ٿا حڪومت سڄي دنيا کي ڀارت جي اڳرائي کان آگاهه ڪري. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي سرحدن کي غير محفوظ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي خوفزده ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان ڀارتي اڳرائي جي خلاف موثر جواب ڏيڻ گهرجي. اسان جي فوج ڀارت جي مقابلي ۾ 10 دفعا وڌيڪ طاقتور آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *