بجلي ٽن مهينن ۾ آڻڻ جو واعدو هو، وزيراعظم غلط بياني تي معافي وٺي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ٽن مهينن ۾ بجلي آڻڻ جو واعدو ڪيو هو هاڻي 2018 جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن وزيراعظم غلط بياني ڪرڻ تي قوم کان معافي وٺي جيڪڏهن معيشت ٺيڪ آهي ته حڪومت قرض ڇو وٺي رهي آهي حڪومت کي پنجاب کان علاوه ڪنهن ٻئي صوبي تي به توجهه ڏيڻ گهرجي پارليمينٽ ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون اهي عوام کي ٻڌايون وڃن اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته حڪومت هر ٽئين مهيني نئين نئين بجليٽ پيش ڪري ٿي حڪومت مهانگائي ۽ پگهارن ۾ توازن نه رکيو آهي شين تي وڌيڪ ٽيڪس مڙهيو پيو وڃي. جنهن سان عوام جون مشڪلاتون وڌي رهيون آهن هن چيو ته چانورن جي آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي بجلي مهانگي ٿي رهي آهي خورشيد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کي پنجاب کان علاوه ٻين صوبن تي توجهه ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *