دهشتگرد جيترا حملا ڪندا اسان جو عزم اوترو مضبوط ٿيندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي سڌسماءَ واري وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته دهشتگرد ڀڄندي بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن اسان انهن جو پيچو ڪندا رهنداسين دهشتگردن کي انهن جي ٺڪاڻن سميت ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ قوم مڪمل طور تي متحد آهي دهشتگردي جي خلاف آپريشن کي منطقي نتيجي تائين پهچائينداسين دهشتگرد ڪيترا به حڪلا ڪندا اسان جو عزم اوترو مضبوط ٿيندو ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملي ۾ ٻن اهلڪارن جي شهادت جي واقعي تي ردعمل جو اظهار ڪندي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران اطلاعات واري وزير چيو ته اسان ان واقعي جي شديد مذمت ڪيون ٿا ۽ تمام شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ جانين جو نذرانو ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ اڄ جو پاڪستان وڌيڪ پرامن ۽ وڌيڪ محفوظ آهي. دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن ۽ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪري رهيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ هو تمام صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ پنهنجي ذميواري پوري ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *