بالي ووڊ فلم ”گڊو رنگيلا“ ٻِن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 47 لک رپين جو رڪارڊ ناڻو ڪمائي ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”گڊو رنگيلا“ ٻِن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 47 لک رپين جو رڪارڊ ناڻو ڪمائي ورتو هو. ڀارتي خابرو اداري موجب بالي ووڊ جي مزاحيه فلم ”گڊو رنگيلا“ جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪار ارشد وارثي، اديتي رائو حيدري، اميت سڌ ۽ رونيت راءِ شامل آهن، فلم رليز جي ٻِن ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي ٽي ڪروڙ ستيتاليهه لک رپين جو رڪارڊ ناڻو ڪمائي ورتو هو. بالي ووڊ مزاحيه فلم ”گڊو رنگيلا“ جون هدايتون سڀاش ڪپور ڏنيون آهن، سئنيما گھرن ۾ فلم جي شاندار نمائش جاري هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *