يونس خان سر ڊان بريڊ مين جو 29 ٽيسٽ سينچرين ۽ جاويد ميانداد جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پاليڪيلي (اسپوٽس نيوز) پاڪستان جي بهترين بيٽسين يونس خان سر ڊان بريڊ مين جو 29 ٽيسٽ سينچرين ۽ جاويد ميانداد جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پاليڪيلي ٽيسٽ ۾ يونس خان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 30 هين سينچري اسڪور ڪرڻ سان گڏ سرڊان بريڊ مين جو 29 سينچريون ۽ جاويد ميانداد جو سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ يونس خان پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو. يونس خان اهو ڪارنامي پنهنجي 102هين ٽيسٽ ۾ 30 سيچرين ۽ 29 ففٽين سان سرانجام ڏنو. جنهن کان پوءِ سندس ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 8841 رنسون ٿي ويون آهن. يونس خان جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور 313 سريلنڪا خلاف ئي آهي. ٻئي طرف يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ چوٿين اننگ ۾ 5 سنچريون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر پڻ بڻجي ويو آهي. واضح رهي ته جاويد ميانداد 124 ٽيسٽ ميچن ۾ 8832 ٺاهيون آهن. ۽ سر ڊان بريڊ مين 52 ٽيسٽ ميچن ۾ 29 سينچريون ٺاهيون هيون. ٻئي طرف سريلنڪا خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ۾پاڪستان جي اوپننگ بيٽسمين شان مسعود پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ سينچري مڪمل ڪري ورتي. اوپننگ بيٽسمين شان مسعود 114 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ۽ پنهنجي دلچسپ اننگ ۾ هڪ ڇڪو ۽ 11 چوڪا هنيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *