بالي ووڊ اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ تي تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ تي تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب سلمان خان ۽ ڪرينا ڪپور خان جي نئين رليز ٿيل فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ غير معمولي مشهوري ماڻيندڙ سڀ رڪارد ٽوڙي ڇڏيا آهن. رپورٽن موجب گذريل ٻن هفتن دوران پرڏيهي باڪس آفيس تي ”بجرنگي ڀائي جان“ 127 ڪروڙ ۽ ڀارت ۾ 368 ڪروڙن جو ناڻو ڪمائي سڀ اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. اميد ڪئي پئي وڃي ته آگسٽ جي شروعاتي هفتي تائين بجرنگي ڀائي جان 500 ڪروڙ رپين جو ناڻو ڪمائي پنهنجي رڪارڊ ڪمائيءَ جو سفر جاري رکندي.جڏهن ته نواز الدين صديقي به سلمان خان جو مداح آهي ۽ هن فلم ۾ سلمان سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي معاوضي کان تمام گھت ورتو ۽ هو ڪنهن فلم ۾ ڪم جو معاوضو 5 کان ٽي ڪروڙ وٺندو آهي پر، پر پنهنجي اسٽار سلمان سان ڪم لاءِ هن صرف 75 لک رپيا معاوضو ورتو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *