سونم ”خوبصورت“ جي شوٽنگ کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان دلچسپ لمحو قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي باصلاحيت اداڪار فواد خان جي سفر جي پروگرام ٽريڪ رکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ اهو ڪم صرف سندس اهي چاهيندڙ ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي کيس دل ۽ جان سان چاهيندا آهن. پر فواد بابت اهي خبرون ضرور آهن ته ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ هڪ پروڊڪٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ هو پنهنجي بالي وود دوست سونم ڪپور سان ميلبورن ۾ انڊين فلم فيسٽيول جي لاءِ روانو ٿي ويندو. فواد ۽ سونم بالي ووڊ فلم ”خوبصورت“ ۾ ڪم دوران هڪ ٻئي جا دوست بڻيا هئا، جڏهن ته تازو ئي سونم ”خوبصورت“ جي شوٽنگ کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان دلچسپ لمحو قرار ڏنو. جڏهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سونم کان هڪ چاهيندڙ سندس زندگيءَ جي دلچسپ لمحن بابت پڇيو ته هن جواب ڏنو ته ”خوبصورت جي شوٽنگ وارا لمحا“ 14 کان 27 آگسٽ تي رٿيل انڊين فلم فيسٽيول دوران فواد ۽ سونم فلم ”خوبصورت“ جي اسڪريننگ ۾ شرڪت ڪندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *