بااختيار جوڊيشل ڪميشن نه بڻائي وئي ته نواز شريف لاءِ حڪومت هلائڻ ناممڪن ٿي ويندو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 18 جنوري تي ڌرڻا ڪنوينشن ۾ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ان وقت تائين بااختياري جوڊيشل ڪميشن نه ٺهي ته نواز شريف لاءِ حڪومت ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته ڌانڌلي واري حڪومت کي کٽرائڻ  نگران حڪومت هئي جنهن ڌانڌلي ۾ انهن جي مدد ڪئي ۽ جڏهن به رٽرننگ آفيسرن کي ڪٽهڙي ۾ آندوويندو ته هو پاڻ ٻڌائيندا ته انهن کي ڪنهن ڌانڌلي تي مجبور ڪيو ان لاءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، هن چيو ته حامد خان جهانگير ترين ۽ منهنجي تڪ ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي چڪي آهي ۽ اعتزاز احسن جي گهرواري بشريٰ اعتزاز جي تڪ اين اي 124 جا ٿيلها اين اي 122 مان ملي جتان اياز صادق ڪامياب ٿيو ۽ فراڊ اليڪشن سان بڻجڻ واري اسيمبلي اياز صادق ڪهڙي طرح هلائي رهيو آهي ان ڪري ان کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائڻو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون ڇو ته ڌانڌلي ڪري اڳتي ايندڙ ماڻهو اسيمبلي ۾ اچي ڪرپشن جو مقابلو نه ڪري سگهندا، چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ بااختيار جوڊيشل ڪميشن نه بڻائي وئي ته اليڪشن وڙهڻ جو ڪوبه فائدو ناهي هن جو چوڻ هوته جمهوريت جي ڏوهارين کي سزائون ملڻ تائين چونڊ سڌارن سان ڪوبه فرق نه پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *