سول عدالتن پاران 8 هزار جوابدارن کي ٻڌايل ڦاهي جي سزائن تي حڪومت خود عملدرآمد ناهي ڪيو: سراج الحق

چيچاوطني (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سول عدالتن پاران 8 هزار جوادبدارن کي ٻڌايل ڦاهين جي سزائن تي حڪومت پاڻ عملدرآمد ناهي ڪيو مدرسن تي لڳايل الزامن جو حڪومت اڄ تائين ڪوئي ثبوت ناهي ڏيئي سگهي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ڪنهن هڪ به مدرسي جي نشاندهي ڪئي ويئي هتي ڪسوال مان ميڊيا سان ڳالاهئيندي هن چيو ته 16 ڊسمبر کان پوءِ قوم متحد ٿي حڪومت سان گڏ بيهي رهي هئي ۽ وزيراعظم کي دهشتگردي ختم ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو هو پر حڪومت موقعي مان فائدو وٺڻ ۾ 100 سيڪڙو ناڪام ٿي رهي آهي مسلسل اختيار ملڻ جي باوجود دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪائي متاثر ڪندڙ ڪارروائي ناهي ڏيکاري سگهي تحفظ پاڪستان بل جي نالي سان شهرين جي آزادي کسي ويئي پر بدامني ۽ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪائي عملي شڪل آڏو ناهي آندي ويئي حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڪي به اڳواٽ قدم ناهي ڪري سگهي ايئن لڳي ٿو ته حڪومت کي عوام جي جان ۽ مال ۽ عزت جي تهفظ سان ڪوئي تعلق نه آهي جماعت اسلامي جي شوريٰ طئي ڪيو آهي ته 2015 ۾ وڏي پئماني تي رابطا عوام مهم هلائي ويندي ۽ جماعت اسلامي جا دروازا عام ماڻهن لاءِ کوليا ويندا سڄي ملڪ ۾ ميمبرسپ مهم هلائي هڪ ڪروڙ ماڻهن کي جماعت جو ميمبر ڪارڪن ۽ رڪن بڻايو ويندو رابطا عوام مهم ۾ ڊويزنل هيڊڪوارٽرز تي نوجوانن آبادگارن ۽ پورهيتن جا وڏا وڏا ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *