اڳوڻي مس پاڪستان زينب نويد روڊ حادثي ۾ فوت

 

ميري لينڊ (شوبز نيوز) اڳوڻي مس پاڪستان زينب نويد آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي.ميري لينڊ پوليس جي رپورٽ موجب ماڊل جو موت تيز رفتار گاڏي اونڌي ٿيڻ سبب ٿيو پر حادثي جي حوالي سان جاچ جاري آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 32 ورهين جي زينب نويد مرسڊيز گاڏي هلائي رهي هئي ته اوچتو غلط يوٽرن وٺڻ جي ڪوشش دوران سندس گاڏي اونڌي ٿي پئي ۽ هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي.واضح رهي ته زينب نويد 2012 ۾ ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ٿيندڙ ايوارڊز ”مس پاڪستان ورلڊ“ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.هن ٽورنٽو ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ لاهور جي نمائندگي ڪئي هئي.مس پاڪستان جو مقابلو 2003 کان هر سال ڪينيڊا ۾ ٿيندو پيو اچي ۽ 2014 واحد اهو سال هو، جڏهن اهو مقابلو آمريڪا ۾ ٿيو.هر سال ان مقابلي ۾ پاڪستان ڄائيون ڇوڪريون حصو وٺنديون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *