آسٽريليا جي دوري دوران قسمت ساٿ نه ڏنو، ڪپتاني وڃڻ جو ڊپ ناهي: اظهر علي

لاهور: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته آسٽريليا جي دوري دوران فارم ۽ قسمت ٻنهي ساٿ نه ڏنو. ٽيم کي بهترين پرفارمنس جي ڊپ جي عنصر مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.ڪپتاني جي وڃڻ جو ڊپ ناهي پنهنجي پلان کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر علي چيو ته آسٽريليا سان شڪست تي مايوسي ٿي آهي اسان پنهنجي پوري تياري سان ويا هئاسين. نوجوانن کي بالنگ اٽيڪ جو موقعو ڏنو. پر هو پرفارم نه ڪري سگهيا. اسان جي بيٽنگ آرڊر به سٺي راند جو مظاهرو نه ڪيو.نئين بالنگ اٽيڪ جي چونڊ ڪئي هئي پر انهن اسان کي مايوس ڪيو. هن چيو ته بابر اعظم ۽ رضوان جي بيٽنگ اسان جي لاءِ بهتر رهي. ڪرڪيٽ نيشن جي لاءِ اهڙي شڪست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. اظهر علي چيو ته گوڏي جي انجري هر ٽيم ۾ هر رانديگر کي ٿيندي آهي فٽنس ٽيسٽ پاس ڪيو ان لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته فارم ۽ قسمت جي ڳالهه آهي.آسٽريليا جي دوري ۾ ٻنهي ساٿ نه ڏنو. ڪپتان بنجڻ کان پوءِ نئين سوچ سان ميدان ۾ لٿس پرفارم نه ڪرڻ تي ڪوبه ٽيم ۾ نه رهندو. چاهي اهو ڪپتان هجي يا رانديگر ٽيم جي بهترين پرفارمنس جي لاءِ ڊپ مان نڪرڻو پوندو. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته 10 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي.سريلنڪا جي دوري لاءِ سليڪشن جي حوالي سان مشورا ٿي چڪا آهن. سريلنڪا جي خلاف سڀاڻي ٽيم جو اعلان چيف سليڪٽر ڪندو. اظهر علي چيو ته انگلينڊ ۾  رهائش اختيار ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. 3 سالن کان پٽ برطانيه ۾ هو ان کي به واپس گهرائي ورتو آهي. منهنجو سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *