اڳوڻي صدر آمريڪي صحافي جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، مارڪ سيگل سچو آهي ته بينظير ڀٽو جي ڪتاب ۾ هن ان سچائي جو ذڪر ڇو ناهي ڪيو؟: پرويز مشرف

اسلام آباد (بيورو) آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف آمريڪي

صحا في مارڪ سيگل جي بيان کي رد ڪند ي چيو آهي ته اسندس بيان حقيقتن جي ابتڙ رڳو ڪوڙ تي ٻڌل مواد آهي، بيان تي حيرت ٿي، مارڪ سيگل جيڪڏهن سچو آهي ته هن پنهنجي ايڊيٽرشپ ۾ شايع ٿيل بينظير ڀٽو جي ڪتاب ۾ ان سچائي جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟ جيڪڏ هن بينظير ڀٽو کي مون کان خطرو هو ته هن مون کان سيڪيورٽي ڇو گهري هئي؟ مخالف مارڪ سيگل جي بيان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، ان بيان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي، پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد امجد سان ٽيليفون تي ڳالهائيند ي پرويز مشرف چيو ته محترمه بينظير ڀٽو سان سندس آمريڪا ۾ ڪو ٽيليفونڪ رابطو نه ٿيو هو ۽ نه ئي هن 2007 ۾ بينظير ڀٽو کي ٽيليفون ڪال ڪئي هئي، جنهن ڪال جو حوالو آمريڪي صحافي مارڪ سيگل ڏنو آهي، اهو ڪوڙ تي ٻڌ ل آهي ۽ اهڙي ڪوڙي بيان جي جيتري به مذ مت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي،هن چيو ته اها پاڪستان جي مخالفن جي هڪ سازش آهي ته اهي مارڪ سيگل جي بيان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، سمجهه ۾ نه ٿو ا چي ته بار بار مارڪ سيگل کان ئي جاچ ڇو ٿي رهي آهي؟ اڳوڻي صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪ سيگل ايترو ئي سچو آهي ته هن پنهنجي ادارت ۾ شايع ٿيل بينظير ڀٽو جي ڪتا ب ۾ ان ٽيليفونڪ ڪال جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟ پرويز مشرف چيو ته بينظير ڀٽو کي جيڪڏهن مون کان خطرو هجي ها ته هوءَ مون کان سيڪيورٽي گهرڻ لاءِ رابطو نه ڪري ها، هن چيو ته 2007ع ۾ پاڪستان و اپس ا چڻ کان پهرين بينظير ڀٽو لکت ۾ مون سان سيڪيورٽي لاءِ رابطو ڪيو هو ۽ ان جي سيڪيورٽي سندس مرضي جي سيڪيورٽي آفيسرن کي ڏني وئي هئي، پرويز مشرف چيو ته مان سچائي تي مڪمل يقين رکندو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *