ڀارت پاران والاريل ڪشمير تي قبضي کان انڪار تاريخ سان مذاق آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير تي قبضي کان انڪار تاريخ سان مذاق آهي، ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي. ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو ته ڀارت جو والاريل ڪشمير تي زبردستي قبضو آهي، هندوستاني فوج جي فائرنگ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ  بيگناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ڀارت جي 7 لک کان وڌيڪ فوج والاريل ڪشمير ۾ موجود آهي،  ڀارت پاران والاريل ڪشمير تي قبضي کان انڪار ڪرڻ تاريخ سان مذاق آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته دنيا کي ڄاڻ آهي ته ڪشميرين تي ظلم ڪير پيو ڪري، ڪشميري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، اتان جي عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *