اپوزيشن جي مرضي آهي ته عدالت وڃي ٿي يا نه، پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ٿينديون: شيخ رشيد

راولپنڊي (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته مهانگائي آهي ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي حل تلاش ڪرڻو آهي پگهاردار طبقي لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون آهن، قانون بڻجي چڪو آهي جنهن موجب ايندڙ عام چونڊون اليڪترانڪ ووٽنگ مشين سان ئي ٿينديون هر اليڪشن کان پوءِ ڌانڌلي جو شور شروع ٿي ويندو هو هاني به ڌانڌلي جي ڳالهه ٿيندي هي چونڊن کان اڳ به ٿي سگهي ٿو. راولپندي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ جلد ايوننگ شفٽ شروع ڪنداسين جلد راولپندي ۾ آئي ٽي يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي اربع تي ايسوسيئيٽ ڪاليج براءِ عورتن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته اي وي ايم تي اپوزيشن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها عدالت ويندي يا نه هن چيو ته عمران خان اورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، مون مطابق پنجاب جا 40 جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اٽڪل 80 اهڙا تڪ آهي جتي اورسيز پاڪستانين جو ووٽ چونڊ نتيجا تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ جڏهن اهي ماڻهو پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيندا ته پوءِ هي چوندا ته ڌانڌلي ٿي آهي، شيخ رشيد احمد چيو ته اورسيز پاڪستاني بنا ڪنهن شرط جي آئي ايم ايف کان وڌيڪ پئسا ملڪ ۾ موڪلين ٿا کين ووٽ جو حق ڏيڻ گهرجي ۽ هي حق کين عمران خان ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته سچ اهو آهي ته ڇوڪرا ايترو نٿا پڙهن جيترو ڇوڪريون پڙهن ٿيون مستقبل ۾ اسان جي نياڻي پڙهي لکي ٿيندي پئي وڃي پٽ نالائق ٿيندو پيو وڃي نئين سال کان غريب بستين جي اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اسان راولپنڊي ۾ ڪنهن بدمعاش کي معزز بڻجڻ نه ڏنو پاڪستان ۾ ماڻهو ڳالهيون گهڻيون ڪن ٿا ڪم ڪوئي نه ٿو ڪري مان 60 تعليمي ادارا راولپندي ۾ ٺاهيا جنهن جو ڪوئي مثال نه آهي شيخ رشيد چيو ته فاطمه جناح يونيورسٽي جي قيام تي مون کي استعيفا ڏيڻي پئي پنهنجي تعليمي دور کي ياد ڪندي وفاقي وزر چيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ امتحانن ۾ 60 کان وڌيڪ نمبر نه کنيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *