پ پ ۽ ن ليگ وٽ ڪو ايجنڊا ئي ناھي، پشاور ۾ پيپلزپرٽي جو جلسو خوش آئند آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پشاور ۾ پيپلزپارٽي جو جلسو خوش آئند آهي پاڪستان کي وفاقي جماعتن جي ضرورت آهي (ن) ليگ کي به سينٽرل پنجاب کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته انهن جماعتن جي قيادت بدقسمتي سان تمام سطحي ۽ ان وٽ ڪوئي ايجنڊا به نه آهي هن چيو ته علائقائي ۽ شدت پسند سياست تڏهن ختم ٿيندي جڏهن قومي سياست ٿيندي. اها ڳالهه به ذهن ۾ رکي وڃي ته ڪاميابي صرف تنقيد سان نٿي ملي سگهي سڌسماءَ واري وفاقي وزير چيوت ه ڪوئي متبادل ايجنڊا به هوندو آهي ته ماڻهو توجهه ڏينداسين ٻنهي جماعتن جي قيادت حڪومت هٽائڻ جي خواهش بدران پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکي ٻئي جماعتون وڏن سڌارن لاءِ به تجويزون ڏين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *