اي اين پي ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پشاور (بيورو) اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي ڪي پي ڪي ۾ جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو ايوب خان ۽ ضياءُ الحق کانپوءِ عمران خان جي زماني ۾ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڏسي رهيو آهي پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسفند يار ولي چيو ته اڪستان کي يمن جي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، ڌارين جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا هن چيو ته صولت مرزا جا الزام سنجيده نوعيت جا آهن، صولت مرزا جي الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي  وڃي اسفند يار ولي جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ عارف علوي جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه مان واضح ٿي ويو ته ڌرڻي جو مقصد ڇا هو هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرايون وڃن، فاٽا کي به مڪاني نظام ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *