عمران اسماعيل جو عزيز آباد جناح گرائونڊ جو دورو، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، جهيڙو، پٿراءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي عزيز آباد جي جناح گرائونڊ اُن وقت جنگ جو ميدان بڻجي ويو جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا. تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جي ڪار سميت ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جلسي گاهه جي معائني لاءِ اُتي پهتو هو. جلسي گاهه جي معائني دوران ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن به اُتي جمع ٿي ويا. ڪجهه دير کانپوءِ  عمران اسماعيل ڪارڪنن سان گڏ واپس وڃي رهيو هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جواب ۾ عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. اُن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن گو عمران گو جا نعرا هنيا. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو ويو. ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن هٿين پئجي ويا. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ڀڄي ڇڏيا. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ غنڊه گردي هلڻ نه ڏينداسين. عزيز آباد ۾ جلسو ضرور ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائڻ کانپوءِ عمران اسماعيل ڪارڪنن سان گڏ واپس هليو ويو. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ 246 تان تحريڪ انصاف جي اميدوار عمران اسماعيل پنهنجي گاڏي تي حملي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته حملو ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين جناح گرائونڊ ۾ جيڪو ٿيو اها غنڊه گردي هئي، جناح گرائونڊ حڪومت جي ملڪيت آهي جتي هر صورت جلسو ڪيو ويندو عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته هر صورت ۾ تڪ تان ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي شڪست ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *