ايگزيڪٽ سان لاڳاپيل آمريڪا ڪنهن به ڳڻتي جو اظهار ناهي ڪيو: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستاني آئي ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي نقلي سرٽيفڪيٽ اسڪينڊل جي حوالي سان ڪنهن به ڳڻتي جي ڄاڻ ناهي ڏني. اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله جو چوڻ هو ته ايگزيڪٽ جي حوالي سان آمريڪا سوڌو ڪنهن به ملڪ ڪنهن به  قسم جي شڪن جو اظهار ناهي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز جي الزامن کانپوءِ ايگزيڪٽ جي معاملي تي گهرو وزير جي هدايت تي پاڪستاني ايجنسيون جاچ ڪري رهيون آهن. اسان کي ايگزيڪٽ بابت جاچ پوري ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *