سهيل انور سيال سنڌ جي گهرو وزير جو حلف کڻي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اسيمبلي جي ميمبر سهيل انور سيال سنڌ جي گهرو وزير جو حلف کڻي ڇڏيو. سنڌ جي نئين گهرو وزير سهيل انور سيال جي حلف کڻڻ واري تقريب  گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿي جتي گورنر سنڌ  ڊاڪٽر عشرت العباد سهيل انور سيال کان صوبائي وزير جو حلف کڻايو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ پيپلز پارٽي جا ٻيا ميمبر پڻ شامل هئا.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *