ايندڙ هڪ، ٻن سالن ۾ پاڪستان ترقي جا حدف حاصل ڪري وٺندو: عمران خان

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان راهداري ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، چين ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ به اسان سان سهڪار ڪري رهيو آهي. پاڪ چين سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين ۾ بي آر آءِ لاءِ ٻن ڏينهن جو تجربو تمام گهڻو سٺو رهيو، ان دوران گهڻن پرڏيهي سربراهن سان ملاقات ٿي، چين پاڪستان راهداري ڀائيواري ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، چين ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان چين جي مدد سان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شاندار يونيورسٽي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان جي ترقي جا هدف حاصل ڪري وٺندو ۽ زراعت جي شعبي ۾ چين سان گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت ۾ ترقي پاڪستان جي معاشي ترقي جي ضمانت هوندي، ماحولياتي تبديلي سان سموري دنيا متاثر ٿيندي. هن چيو ته  موزمبيڪ ۽ فلپائن ۾ ماحولياتي تبديلي سان وڏي تباهي آئي آهي،  سمورن ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت ڳڻتي ڏٺي وئي تنهن ڪري پاڪستان ماحولياتي تبديلين سان مقابلي لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳايا ويندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ محفوظ ملڪ آهي، پاڪستان چين جي سيڙپڪارن کي پيش رنڊڪون ختم ڪندو ۽ چاهيون ٿا ته چيني پنهنجون صنعتون پاڪستان ۾ لڳائين، جيترو واپار ۽ رابطا هوندا پاڪستان ۽ چين ۾ لاڳاپا وڌندا.  وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ جلد اليڪشن ٿي ويندي، نئين ڀارتي حڪومت پاڪستان سان سٺا لاڳاپا قائم ڪندي.  هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڳالهين ذريعي ئي حل ڪڍي سگهجي ٿو، جڏهن ته چار ڏهاڪن جي جنگ کانپوءِ افغانستان کي امن جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن ۾ اضافو ٿيندو، ڪجهه ملڪ پناهگيرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڇوٽيون قائم ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *