مراد علي شاهه ۽ صادق سنجراڻي وچ ۾ ملاقات، سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ انڊس ھاءِ وي جي ڊوئلائيزيشن وارو ڪم سست رفتاريءَ سان جاري آھي، صوبائي حڪومتت تخميني لاڳت جو 50 سيڪڙو اڳئي وفاقي حڪومت کي ادا ڪري ڇڏيا آھن. ھن اھا ڳالھھ اڄ چيئرمين سينٽ محمد صادق سنجراڻي سان ملاقات ڪندي ڪئي جنھن ٻن سينٽرن احمد خان بلوچ ۽ خدا بابر اصر مرزا محمد آفريديءَ سان گڏ وزيراعليٰ ھائوس ۾ گڏجاڻي ڪئي. سينٽ چيئرمين وڏي وزير کي ٻڌايو تھ ميڊيا ذريعي انڊس ھاءِ وي تي وڌندڙ روڊ حادثن بابت خبر پوندي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ڏھاڙي معصوم انساني جانين جو نقصان ٿي رھيو آھي، ان تي وڏي وزير چيو تھ سندس ڪاوشن ڪري ڄامشورو کان سيوھڻ تائين انڊس ھاءِ وي کي ڊوئلائيزيشن ڪرڻ وارو منصوبو جيڪو 108 ڪلوميٽر ڊگھو آھي 14 بلين رپين جي لاڳت سان 2017ع ۾ منظور ٿيو ھو، ان وقت وفاقي حڪومت نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) ذريعي اھو منصوبو شروع ڪيو، ان وقت صوبائي حڪومت ان جي مجموعي لاڳت جو 50 سيڪڙرو 7 بلين رپيا شيئر ڪيا. ھن چيو تھ اسان منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ اپريل 2017ع ۾ 7 بلين رپيا اڳئي جاري ڪري ڇڏيا آھن پر روڊ تي ھلندڙ ڪم جي رفتار ناقابل فھم آھي. ھن چيو تھ اصل ۾ ان منصوبي کي شيڊول جي مطابق 18 مھينن واري مدت ۾ مڪمل ڪرڻو ھو. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس وفاقي حڪومت کي اھا آڇ ڪئي ھئي تھ اھي 7 ارب رپيا صوبائي حڪومت کي واپس ڪري ڏين ۽ سندن حصي جا 50 سيڪڙو 7 ارب رپيا اسان (صوبائي حڪومت) کي ڏين، صوبائي حڪومت ان منصوبي کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪندي. ھن چيو تھ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد خاطري ڪرائي ھئي تھ ان منصوبي تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو ويندو پر اڃا تائين نتيجو سٺو ظاھر ناھي ٿيو.  نئين گاج ڊيم بابت خيالن ڏي وٺ ڪندي وڏي زوير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اھو منصوبو اصل ۾ 48 ارب رپين جو آھي جيڪو وفاقي حڪومت شروع ڪيو ھو پر ان جي تڪميل ۾ دير سبب ان جي لاڳت ۾ واڌ ٿيندي 60 ارب رپيا ٿي وئي آھي، اسان اڳئي وفاقي حڪومت کي درخواست ڪئي ھئي تھ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي تھ جيئن ان جي مقصدن تحت علائقي ۾ زمينن جي آبپاشيءَ وارن مقصدن کي حاصل ڪري سگھجي. چيئرمين سينٽ صادق سنجراڻيءَ چيو تھ سندس صوبائي حڪومت جو گذارشون ۽ مسئلن کي سينٽ ڪميٽيءَ اڳيان اٿاريندو ۽ انھن منصوبن کي مڪمل مڪمل ڪرايو ويندو. چيئرمين سينٽ وڏي وزير کي پھرين ٿر ڪول پاور پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي واڌايون ڏنيون، ان تي وڏي وزير سندن ۽ سينٽرن کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني تھ جيئن اھي پاڻ صوبائي حڪومت جي ٿر ۾ ڪيل ترقيءَ وارين ڪاوشن کي ڏسن. چيئرمين سينٽ وڏي وزير جي دعوت قبول ڪندي چيو تھ سندس ٻين صوبن جي سينٽرن جي اڳواڻي ڪندي ٿر جو روڊ رستي دورو ڪندو. وڏي وزير چيو تھ جيڪڏھن اوھان روڊ ذريعي دورو ڪندا تھ سندن وفد ۽ پاڻ ان سفر مان مزو ماڻيندا. ھن  چيو تھ اسان ڪراچيءَ کان ٺٽو ۽ بدين کان ٿر تائين بھترين معيار جا روڊ تعمير ڪيا آھن. ھن چيو تھ صوبائي حڪومت سنڌوءَ درياھھ تي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ٻھ پل، روڊ، اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ تعمير ڪيو آھي ۽ ٿر کي انٽرنل روڊن سان ڳنڍيو آھي. ھن چيو تھ ھاڻ ٿر ترقي يافتھ ضلعي جي صورت ۾ نظر اچي رھيو آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *